اڪري پوليس گونگو نوجوان کنڀي گم ڪري ڇڏيو، وارثن جو احتجاج

اڪري چودڳي (ن ع آ) ڳوٺ محمد لائق خاصخيلي واسي ، اقبال خاصخيلي ،محمد عرفان ،نورمحمد ،ذوالفقار ملهار دلبر غلام حسين ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيندي چيو  تہ اڪري پوليس سندن گونگو پٽ راشد خاصخيلي ڦر جي واردات ۾ کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي  کنڀي گم ڪيل همراهه نه رڳو گونگو آهي پر سندس دماغي توازن به درست نه اٿس، هنن چيو ته عجب جهڙي ڳالهه آهي ته کيس کي تر جي نامياري ڏوهارين ۽ پاٿاريدارن ارشاد خاصخيلي ،طالب ۽جاويد خاصخيلي  زبردستي کنڀي کڻي وڃي پوليس حوالي ڪيو آهي جنهن بعد پوليس هن کي گم ڪري ڇڏيو آهي، اسان کي به پوليس ملڻ نٿي ڏئي، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته سندس کان تفتيش ڪري رهيا آهيون، هنن چيو ته اسان  فريادي ڌر وٽ بہ  ويا آهيون انهن بہ ڦر جي واردات ۾ گونگي همراھ جي گرفتاري تي حيرانگي جو اظهار ڪيو آهي هنن چيو تہ ايڏي وڏي ڏوھ ٿيڻ جي  پوليس ڏوهارين جي چوڻ تي گونگي کي حراست ۾ وٺي ڪهڙي جاچ پئي ڪري، پوليس پئسا وٺي اصل جوابدارن جي ملي ڀڳت سان حقيقتون لڪائي رهي آهي جڏهن ته واقعي کي ٻہ هفتا گذري وڃڻ باوجود پوليس ڪا اڳڀرائي ڪرڻ بدران چورن ۽ پاٿاريدارن جي چوڻ تي اسانجي گونگي ۽ درويش همراهه کي گم ڪري ڇڏيو آهي، هنن دانهيو ته کين شڪ آهي ته پوليس اصل ڏوهاري گرفتار ڪرڻ بدران پاٿاريدارن جي چوڻ تي هن غريب فقير  گگدام گونگي مٿان ڪيس داخل ڪري پنهنجو فرض پورو ڪندي هنن دانهيندي چيو تہ گونگي همراھ جي ناحق گرفتاري خلاف ميڊيا آڏو احتجاج ڪرڻ ۽سوشل ميڊيا تي واويلا ڪرڻ تي مٿيان مذڪورھ بااثر ڏوهاري ۽ اڪري پوليس کين سنگين نوعيت جون ڌمڪيون پڻ ڏيئي رهيا آهن  هنن چيف جسٽس هاء ڪورٽ سنڌ وزير اعلي سنڌ  ڊي آء جي سکر ايس ايس پي خيرپور کان بيگناھ گرفتار ٿيل  گونگي همراھ جي گرفتاري جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.