جنگشاهي ڀرسان حادثو، عورت سميت 3 ڄڻا زخمي

جنگشاهي )ن ع آ(جنگشاهي ويجهو ٻاپڙا اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت  زخمي سميت انيل احمد جاڙو ۽ عطا محمد جوکيو سخت زخمي ٿي پيا جن کي( 1036) سنڌ پپلز ايمبولينس سروس ذريعي  سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو ويو ٻڌايو پيو وڃي ته هڪ طرف روڊ جي ٻني پاسن کان ڌيوين جا وڻ ۽ ٻئي پاسي روزانو تيز رفتار ڊمپرن جي ڪري حادثه پيش اچن ٿا جنگشاهي روڊ جو ڪم رولڙي ۾ پوڻ ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل، ڊگهي عرصي کان قائم ڪارِي موري پُل جي حالت بہ زبون ٿي وئي، هيوي گاڏين جي گُذرڻ سبب ڪنهن بہ وقت وڏي سانحي جو انديشو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.