سليڪٽرن جي سوکڙي عوام تي قهر بڻجي وئي آهي: مريم نواز

شارده (م ڊ) نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آھي تھ عمران خان جي صورت ۾ سليڪٽرز جي سوکڙي عوام تي قهر بڻجي وئي آهي، اها سوکڙي واپس کڻي وڃو، عمران خان ووٽ چوري ڪري وزيراعظم هائوس تي قبضو ڪري ويهي رهيو، آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ووٽ چوري جي ڪوشش ٿي ته عوام ڳچي مان پڪڙيندو، ڪشميري عوام بيلٽ باڪس جو تحفظ ڪندو، نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر جو آزاد ڪشمير جي علائقي شاهدره ۾ چونڊ جلسي کي خطاب، مريم نواز چيو آهي ته عمران خان جو نالو وٺڻ سان اٽي ۽ کنڊ لاءِ عوام جون قطارون ياد اچي وينديون آهن، کنڊ ۽ اٽي چور کي واپس موڪلڻو آهي، سليڪٽيڊ وزيراعظم کي ڪير به نٿو مڃي، ووٽ چوري ڪري اقتدار ۾ آيل کي آزاد جي ڪابه خبر ناهي، ملڪ ۾ هن وقت بدترين قبضو آهي، هن چيو ته سليڪٽڊ ڪو به نٿو مڃي، نه گهر ۾ عزت آهي نه ٻاهر، جڏهن ته عمران خان جو چونڊ نشان اٽو چوري، کنڊ چوري ۽ ڪشمير فروشي هئڻ گهرجي، هن چيو ته جيڪو سليڪٽرز سان ڳٺ جوڙ ڪري حڪومت تي قبضو ڪري ويٺل هجي اهو ڇا ڄاڻي ته آزادي ڇا ٿيندي آهي، ڪشمير مسئلو نوازشريف جي قيادت ۾ حل ٿيندو، هن چيو  ته نوازشريف جي نالي سان عوام جي ذهن ۾ موٽرويز، بجلي جا ڪارخانا ۽ سي پيڪ اچي ٿو جنهن تي اڄڪلهه پيزا وارن جو قبضو آهي، هن چيو ته نوازشريف پي ڊي ايم جي جلسي ۾ خطاب دوران سليڪٽرن کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته عمران خان کي جتان آندو اٿئو اتي واپس کڻي وڃو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.