نوشهروفيروز : نيشنل هاءِ وي تي مسافر گاڏين مان ڦرلٽ، فائرنگ، اهلڪار زخمي

نوشھرو فيروز(رپورٽ: ايم ظفر تڳر)نوشھرو فيروز ڀرسان ڪنڍا کاھي سامھون نيشنل ھاءِ وي تي  25  ھٿيار بند روڊ بلاڪ ڪري ايندڙ ويندڙ ويندڙ گاڏين کان ڦر لٽ ديدھ دليري 2ڪلاڪ روڊ بند ڪري  ڪوچن ٽرڪن کي روڪي انھن ۾ ويٺل ۽ ڊرائيورن  پيسينجرن کي يرغمال بنائي سخت تشدد ڪري موبائلون فونون  سونا زيور روڪ پئسا2 ڪلاڪ ديده دليري ڦريندا رھيا ڪو به حد جو عملدار واقعي واري ھنڌ نه پھتو جڏھن ته ڦر واقعي جي لائيو وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي مگر پوليس  سستي وارو ڪردار ادا ڪندي ان ڦر کي حد ڄاڻائي نه پھتي ويندي ويندي پوليس چوڪي تي موجود پوليس وارن تي ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ پوليس اھلڪار ولي محمد لنجيار زخمي ٿي پيو ڦورو سري عام فائرگ ڪندا روانا ٿي ويا، مسافرن ۽ ڊرائيورن پاران روڊ بلاڪ ڌرڻو هنيو ويو مگر نوشھرو پوليس ۽ ڀريا پوليس حد ڄاڻائي ترت واقعي واري ھنڌ نه پھتي ھوڏانھن سيشن جج نوشھرو فيروز روز روز قومي شاھراھ بند ڪري ڪلاڪن جا ڪلاڪ روڊ بند ڪري واردات ڪرڻ ۽ پوليس جي سستي جو پڻ نوٽيس ورتو ويوآھي۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.