دودو ڀيل جي وارثن پاران اينگرو ڪمپني جي ماني جي آڇ رد

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ اينگرو ڪمپني جي سيڪيورٽي گارڊن هٿان 10 ڏينهن اڳ وحشياڻي تشدد بعد فوت ٿيل دودي ڀيل جو ڪيس هاءِ پروفائيل بڻجي ويو آهي،جنهن بعد ڳوٺ ابن جو تڙ ۾ دودي ڀيل جو تڏو وڇايل آهي،جتي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي،اُنهي سلسلي ۾ اينگرو ڪمپني جي عملدارن تڏي تي پهچي دودي ڀيل جي وارثن کي ٻارس جي ماني ڪرڻ جي آڇ ڪئي،دودي ڀيل جي وارثن ڪمپني جي عملدارن کي” اسان بکيا ناهيون،قاتلن کي سزا ڏياريو“جو چئي ٻارس رسم جي ماني جي آڇ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي،دودي جي وارثن پاران دودي جي قتل ڪيس ۾ نامزد سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦاهي جي سزا ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو آهي،اُنهي سلسلي ۾ دودي ڀيل جي پيءُ ڪرنو ڀيل،ماءُ سوني،گهرواري سريا،ڀيڻ ملوڪان ۽ سئوٽ مورو ڀيل عوامي آواز جي کي ٻُڌايو ته ڪمپني جي سيڪيورٽي گارڊن دودي ڀيل کي تشدد ڪري قتل ڪيو آهي،اينگرو ڪمپني قاتلن کي لڪائي بچائڻ سان گڏ وري اسان جي تذليل ڪرڻ لاءِ اسان کي دودي جي ٻارس جي ماني ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي،ڇا اسان ايترا بکيا آهيون جو قاتل ڪمپني کي ٻارس جي ماني ڪرڻ ڏيون،اِهو هنن جي ڀُل آهي ته هي قاتلن کي بچائي ويندا،اسان وٽ اينگرو ڪمپني جو سي اي او آيو هو،اسان سڌو مطالبو رکيو آهي ته پهرين دودي ڀيل جي قاتلن کي پڪڙي ڦاهي تي لٽڪايو وڃي ته اسان جي دل کي سڪون اچي،هنن ظالمن اسان جو گهر اُجاڙي ڇڏيو آهي،دودي جي پيرسن ماءُ،پيءُ،گهرواري ۽ ٻه معصوم ٻارڙا لاوارث ٿي ويا آهن،پويان ڪير به ڪمائڻ وارو ناهي،سنڌ حڪومت جا وزير رُڳو معاوضي جا اعلان ڪري ويا آهن،پر اسان چئون ٿا ته دودي ڀيل جو خون هڪ ڪروڙ نه پر هڪ ارب روپين عيوض به اسان ختم ڪرڻ جو سودو نه ڪنداسين،دودن جي لاشن جا سودا ناهن ٿيندا،اسان کي سنڌ حڪومت هڪ ڪروڙ معاضو ڏيڻ جو جيڪو اعلان ڪيو آهي اُهو گهٽ آهي.

اينگرو ڪمپني جي سي اي او پاران فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي سان ملڻ کان انڪار

مٺي:اينگرو ڪمپني جي سي اي او وزيراعظم جي موڪليل فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي سان ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،جهن بعد ڪميٽي بنا ملاقات جي اسلام آباد رواني ٿي ويئي،چيو پيو وڃي ته اينگرو ڪمپني جي سي اي او سيد ابوالفضل رضوي هڪ ليٽر لکي وزيراعظم جي ڪاميٽي سان ملڻ کان انڪار ڪرڻ جو جواز اِهو ڄاڻايو آهي ته سنڌ اينگرو ڪول مائننگ جو ڊائريڪٽر آف بورڊ جو چيئرمين امتياز شيخ آهي،هن وقت جيستائين اسان جي فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي جي اندروني جانچ هلي پئي اُهو مڪمل نه ٿيڻ تائين اسان ڪنهن سان به ڪا ملاقات ڪرڻ کان معذرت ڪيون ٿا،اسان جي اندروني هلندڙ جانچ مڪمل ٿيڻ کان اڳ اسان ڪنهن سان به ملاقات ڪري نه ٿا سگهون،اسان فيڪٽ اينڊ فائينڊنگ ڪميٽي توڙي سول سوسائيٽي سان جانچ مڪمل ٿيڻ بعد ملي سگهون ٿا،رابطي تي وزيراعظم جي ڪميٽي جي سربراھ ايم اين اي لال مالهي چيو آهي ته اسان سمورين ڌُرين سان ملاقات لاءِ آياسين ته سڀني پاسن کان رپورٽ گڏ ڪجي،پر اينگرو ڪمپني جي سي اي او اسان سان ملاقات ڪرڻ کان انڪار ڪندي ليٽر لکي موڪليو آهي ته آئون چيئرمين امتياز شيخ جي اجازت کانسواءِ ملاقات نه ٿو ڪري سگهان،جنهن سبب اسان سان ملاقات نه ٿي سگهي ۽ اسين واپس اسلام آباد پهچي چُڪا آهيون،جيڪا صورتحال ڏٺي آهي اُنهي بابت وزيراعظم کي رپورٽ ڏينداسين،اينگرو سي اي او جي اهڙي رويي تي مايوسي ٿي آهي،

ٿرڪول بلاڪ ون جي رهواسين جو ڪمپنين جي زيادتين خلاف احتجاج

اسلام ڪوٽ:ٿرڪول بلاڪ ون جي ڳوٺ ڀاوي جو تڙ واسين ڪولهي برادري جي عورتن،مردن ۽ ٻارڙن پاران شهنگائي ۽ سائينو سنڌ ڪمپنين جي زيادتين احتجاجي مظاهرو ڪيو،بلاڪ ون جي متاثرين مگھن ڪولهي،ڌرمون ڪولهي،نانڪ،ڀومون ڪولهي ۽ عورتن سمجھون ٻائي،مانو ٻائي،ميران ٻائي،سوڍي ٻائي،برمتا ٻائي سميت ٻين ٻارين ٻچين ڪالھ 54هين ڏينهن به ڳوٺ ۾ قائم ڪيل ڪئمپ آڏو احتجاج جاري رکيو،جتي هنن دانهيندي چيو ته اسان جا 172 گهر بلاڪ ون ڪمپنين جي مڪمل گهيري ۾ اچي چُڪا آهن،پاور پلانٽ اسان جي گهرن مٿي لڳايو ويو آهي،جنهن سبب اسان جا لنگھه رستا بند ٿيڻ سان گڏ اسان جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي،اسين ٽي سالن کان دربدر آهيون پر شهنگائي ۽ سائينو سنڌ ڪمپنيون پنهنجي جهيڙي سبب اسان کي متاثرين تسليم نه ٿيون ڪن،اسان سان اڳ ۾ صوبائي صلاحڪار ويرجي ڪولهي ملاقات ڪري ويو هو ۽ بعد ۾ سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو ته توهان جي في گهر کي 3 لک ڏيون ٿا ۽ توهان ڪنهن ٻئي هنڌ تي وڃي ويهو،پر ٽن لکن ۾ ته هڪ واشروم به نه ٿو ٺهي اسين سئو سالن کان رهون پيا

عوامي آواز پهرين ڏينهن کان دودي جو ڪيس اٿاريو: وارث هٿ ٻڌي روئي پيا

مٺي:انصاف ڏيارڻ تائين ساٿ ڏيو،دودي جا وارث عوامي آواز جي پهتل ٽيم آڏو هٿ ٻڌي روئي پيا،گذريل ڏينهن عوامي آواز جي ٽيم بيوروچيف غازي بجير جي اڳواڻي ۾ ڪوريج لاءِ ٻيهر ڳوٺ ابن جو تڙ پهتي،جتي دودي جي ماءُ،ڀيڻ،وني ۽ پيءُ پاران هڪ ئي مطالبو ڪيو ويو ته دودي جي ڪيس کي پهرين ڏينهن کان عوامي آواز کنيو،جنهن بعد اشوز  هاءِ پروفائيل بڻيو،اسان هٿ جوڙ ڪيون ٿا ته دودي جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ تائين ساڳئي ڪوريج برقرار رکجو،اسان ٿورائتا آهيون،جنهن تي عوامي آواز جي بيوروچيف غازي بجير چيو ته دودي ڀيل جي ڪيس کي عوامي آواز پنهنجو ڪيس سمجهي کنيو آهي،اسان هر مظلوم سان گڏ آهيون،جتي به ظلم ٿيندو اُتي عوامي آواز پنهنجو آواز بڻبي،

دودي ڀيل جي ٻارس جي رسم اڄ ادا ڪئي ويندي

مٺي:دودو ڀيل جي خون سان انصاف نه ٿيو،اڄ هندو مذهب مطابق دودو ڀيل جي ٻارس رسم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ابن جو تڙ ۾ ادا ڪئي ويندي،ٻارس رسم ۾ وڪيل لجپت سوراڻي،گومون ڀيل سميت مختلف اڳواڻ شرڪت ڪندا،دودو ڀيل جي خون سان انصاف لاءِ ٿر جي سڄاڻ ڌرين پاران 15جولاءِ تي مٺي ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي آهي،جنهن ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي اڳواڻ شريڪ ٿي ٿرڪول ڪمپني جي غلط پاليسين ۽ ٿر واسين سان زيادتين خلاف گڏيل لائحه عمل جوڙي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪندا،وڪيل لجپت سوراڻي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته مون وقت جي راوڻن سان مهاڏو اٽڪايو،فتح حق ۽ سچ جي ٿيڻي آھي،هن چيو ته ايس ايس پي ٿرپارڪر ۽ ڊي سي ٿرپارڪر ٻئي پ پ پ جا ونگاري آھن.

شاهه محمود پاران بلاول ۽ مراد علي شاهه کان استعيفيٰ جو مطالبو

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)دودي ڀيل جي قتل ۽ لجپت سوراڻي جي گرفتاري تي شاھ محمود قريشي بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاھ کان استيفىٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،پرڏيهي وزير خارجه مخدوم شاھ محمود قريشي چيو آهي ته ٿرڪول بلاڪ ۾ سيڪيورٽي گارڊن تشدد ڪري هڪ هندو ڀيل ڪميونٽي جي پورهيت کي قتل ڪيو آهي،جيڪو واقعو ڏُکوئيندڙ آهي،اُنهي واقعي بعد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پرامن احتجاج ڪندڙ وڪيل لجپت راءِ سوراڻي ۽ ٻين کي پوليس گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻايو،جنهن بعد ايس ايس پي حسن سردار نيازي پي ٽي آءِ جي عزتدار اڳواڻ لجپت ڀيل کي پڪڙي تشدد ڪري اعتراض جوڳيون وڊيوز ٺاهي تذليل ڪئي آهي،بلاول صاحب يقين نه اچي ته ايس ايس پي کي گهرائي وڊيوز ڏسي وٺ،ڇا هي آهي تنهنجي سنڌ حڪومت،جتي هڪ هندو کي رُڳو پي ٽي آءِ جو هجڻ جي ڏوھ ۾ تشدد ڪيو ويو آهي،لجپت جو ڏوھ صرف اِهو آهي ته هُن توهان جي نمائيندن خلاف آزاد اليڪشن وڙهي ۽ 15 هزار ووٽ کنيا،آئون بلاول کان پڇڻ ٿو چاهيان ته تون هيومن رائيٽس ڪميٽي جو چئيرمين آهين،ڇا ٿو ڪرين،اگر توکان انساني حقن جو تحفظ نه ٿو ٿئي ته عهدو ڇڏي ڏي،عهدي جي توهين نه ڪر،تو کي هن واقعي بعد انساني حقن جي ڪميٽي جي چئيرمين شپ تان اسيتفىٰ ڏيڻ گهرجي،وزيراعلىٰ مراد علي شاھ صاحب عهدو ڇڏي ڏي،هڪ ايس ايس پي حسن سردار نيازي جيڪو ميانوالي جو آهي اُهو ائين ڀيل برادري کي ٽارگيٽ پيو ڪري،اُهو به توهان جا ووٽر آهن،اُتي ايم اين اي ايم پي توهان جا آهن،اسان خاموش نه ويهنداسين،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.