صدر عارف علوي جي صدارت هيٺ اهم اجلاس، ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان تي ڳالهيون

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي جي صدارت هيٺ گورنر هائوس ڪراچي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي جي بنيادي ڍانچي بابت مسئلن جي حل لاءِ ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

اجلاس ۾ ملڪ ۾ وڌندڙ ڪورونا جي نئين لهر جو به جائزو ورتو ويو ۽ صدر چيو ته عوام اين سي او سي جي هدايتن تي عمل ڪري، اثرائتن قدمن سبب پاڪستان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سنگين صورتحال کان محفوظ رهيو.

عارف علوي چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ڪراچي جي ترقي سان سلهاڙيل آهي، شهرين کي وڌيڪ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، وفاقي حڪومت مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.