ناديا حسين مداحن کي خوبصورتي ۽ فٽنيس جو راز ٻڌائي ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور ماڊل ناديا حسين مداحن کي فٽنيس ۽ خوبصورتي جو راز ٻڌائي ڇڏيو.

تازو هڪ ويب سائيٽ کي انٽرويو ڏيندي ناديا حسين ٻڌايو ته مان ڪهڙي به صورت ۾ ورزش ناهيان ڇڏيندي ۽ پنهنجي ڊائيٽ جو به تمام گهڻو خيال ڪندي آهيان پر جڏهن به مون کي پنهنجي وزن ۾ گهٽتائي ڪرڻي هوندي آهي ته خوراڪ جو ڪجهه مقدار گهٽائي ڇڏيندي آهيانئ

هن پنهنجي جوان جلد جي حوالي سان ٻڌايو ته مان پنهنجي چمڙي جو تمام گهڻو خيال رکندي آهيان، ايتري قدر جو پنهنجي مداحن کي به چوندي آهيان ته جهڙي ريت اهي پنهنجي موٽر سائيڪل يا گاڏي کي روز جي بنيادن تي ڪپڙو هڻندا آهن ۽ مهيني ۾ هڪ ڀيرو سروس به ڪرائڻي پوندي آهي ته جيئن گاڏين کي صاف سٿرو رکي سگهجي، اهڙي ئي طرح چمڙي جي سار سنڀال به ضروري آهي.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن گاڏين جي ٽيوننگ نه ڪرائي وڃي ته اهي گهڻو وقت هلي ناهن سگهنديون ۽ اهي ڏسڻ ۾ به سٺيون ناهن لڳنديون، اهڙي ئي صورتحال اسان جي چمڙي سان به ٿيندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.