”بلاول ڀلي 3 ڀيرا آمريڪا وڃي پر عمران خان 5 سال پورا ڪندو“

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته بلاول هڪ نه 3 ڀيرا آمريڪا وڃي پر عمران خان 5 سال پورا ڪندو.

راولپنڊي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته آزاد ڪشمير چونڊن کانپوءِ اپوزيشن جا حڪومت سان لاڳاپا ٺيڪ ٿي ويندا، عمران خان سان گڏ پاڻ به ڪشمير ۾ مهم تي ويندس ۽ آزاد ڪشمير ۾ حڪومت عمران خان ئي ٺاهيندو.

هن چيو ته افغانستان جا ماڻهو جيڪو فيصلو ڪندا، اسان کي اهو قبول هوندو، اسان افغانستان ۾ امن جا خواهشمند آهيون، پنهنجي سرزمين کي ڪنهن جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، آرمي چيف پاڻ امن لاءِ قدم کڻي رهيو آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته عمران خان والاريل ڪشمير جو ڪيس گڏيل قومن سميت سڄي دنيا ۾ اٿاريو، 5 آگسٽ جو قدم واپس وٺڻ تائين ڀارت سان ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.