عمران خان جهڙي سوکڙي پاڪستانين تي قهر بڻجي ٽُٽي آهي: مريم نواز

 

شارده (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان جو چونڊ نشان ڪشمير فروشي، کنڊ چوري ۽ مهانگو اٽو هجڻ گهرجي.

آزاد ڪشمير جي علائقي شارده ۾ عوامي جلسي سان خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته اسان خالص ڪشميري آهيون، مون کي هتي هر شخص ۾ نواز شريف نظر اچي رهيو آهي، ڪشميرين جو ليڊر عمران خان جهڙو ڊڄڻو نٿو ٿي سگهي، ڪشمير مسئلو نواز شريف جي قيادت ۾ ئي حل ٿيندو.

هن چيو سليڪٽڊ جي نه گهر ۾ عزت آهي ۽ نه ٻاهر، هو ڪشمير مودي جي جهوليءَ ۾ اڇلائي پاڪستانين کي چئي ٿو ته ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪيو، عوام جي خاموشي ختم ٿي وئي پر عمران خان جي خاموشي ختم نٿي ٿئي، نواز شريف چيو هو ته عمران خان جهڙي سوکڙي کي جتان آندو اٿوَ واپس وٺي وڃوس، اڄ اها ئي سوکڙي پاڪستانين تي قهر بڻجي ٽُٽي آهي.

سندس چوڻ هو ته 2018 ۾ عمران خان بيٽ جي نشان تي چونڊون چوري ڪيون هيون، عمران خان جو چونڊ نشان ڪشمير فروشي، کنڊ چوري ۽ مهانگو اٽو هجڻ گهرجي، آزاد ڪشمير ۾ ن ليگ جي حڪومت آئي ته شارده کي يونيورسٽي ڏينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.