قاضي احمد، ڏهرڪي، ڄامشوري ۽ ڪوٽري جون خبرون

قاضي احمد ۾ ڦرون ۽ چوريون معمول بڻجي ويون

ڏهرڪي: ڳوٺاڻن جون زرعي زمين تي قبضي خلاف دانهون

ڄامشورو: لوڻي ڪوٽ واسين جو ڪچرو کڻندڙ سرڪاري ڪمپني خلاف احتجاج

ڪوٽڙي:ايس ٽي پي جو جھنڊو لاهڻ خلاف ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو

1

قاضي احمد ۽ آسپاس جي علائقن ۾ ڦرن ۽ چوري جي وارداتن ۾ اضافو ٿي ويو، عيد ايندي ئي چورين جون وارداتون معمول بڻجي ويون ، عام ماڻهو راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آهن، رمضان راهو ڪالوني ۾ اڻ ڄاتل چور صحافي صلاح الدين ڪيريو جي سوٽ ۽ ڀاءُ مير محمد ڪيريو جي گھر ۾ گهڙيا ۽ لکين روپين جو سون ء روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا.

2

ڏهرڪي ڳوٺ دين محمد پتافي حاجي برڪت علي پتافي ميڊيا کي دانهندي ته منهنجي قبولي زرعي زمين تي  بااثر جوابدارمحمد اسلم ڪوڀر،محمد افضل ڪوڀر ۽آفتاب علي ڪوڀر قبضو ڪرڻ چاهين ٿا جن سندن زمين ڏانهن ايندڙ پاڻي جو واٽر به بند ڪري ڇڏيو آهي هنن چيو ته بااثر انهن کي زمين تي وڃڻ به نٿا ڏين ،ٻين جون زمينون سر سبز اسان جي زمين بنجر لڳي پئي آهي، هنن چيو ته اسان پوليس کي دانهيو آهي پوليس ڪوبه تدارڪ نه ٿي ڪري، هنن ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته هنن خلاف ڪاروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي….

3

ڄامشورو جي ڪوهستاني علائقي لوڻي ڪوٽ جي رهواسين حضور بخش کوسو, علي شير کوسو, مير خان شورو, شير زمان شورو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪچرو کڻندڙ سنڌ سوليڊريٽ مينيجمينٽ ڪمپني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،ان موقعي تي متاثر ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ڪمپني پاران حيدر آباد, ڄامشورو ۽ ڪوٽڙي سميت مختلف شهرن جي گٽرن جو ڪچرو کڻي انهن جي ڳوٺن جي پاسي ۾ نئن باراڻ ( نهر ) ۾ اڇلايو وڃي ٿو جنهن سبب ڪوهستان جي سوين ڳوٺن کي ان نئن مان ملندڙ پاڻي زهريلو ۽ بدبودار ٿي رهيو آهي ،هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي گند روڪرايو وڃي.

4

ڪوٽڙي مان اڻ ڄاتل ماڻهن پاران ايس ٽي پي جو جھنڊو لاهڻ خلاف ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڪوٽڙي  جي سائيٽ ايڊ مور پمپ وٽ ڪجھ ڏينھن اڳ ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي پاران مين چوڪ تي مقامي قيادت سان گڏجي ايس ٽي پي جو جھنڊو لڳايو ويو هو جيڪو رات دير سان اڻڄاتل ماڻهون لاهي ويا ، ان موقعي تي اڳواڻن واقعي جي سخت مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته ايس ٽي پي جو جھنڊو لاھيندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.