لاڙڪاڻي مان کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزادي لاءِ مظاهرو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي مان کنڀي گم ڪيل پورهيت نوجوان نديم علي مغيري جي آزاديءَ لاءِ سندس وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن نوجوان جي تصويرن وارا بئنر ۽ پلي ڪارڊ هٿن ۾ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي شهر جي الهه آباد جکڙ آرا مشين واري علائقي جي رهواسي نوجوان جي پيرسن پيءُ خير محمد مغيري پنهنجي ڀاءُ عبدالحميد مغيري، پٽن نعيم مغيري، فهيم مغيري، سالي حضور بخش بروهي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته منهنجو پٽ نديم علي مغيري پنجن کان حب چوڪي ۾ لوڻ جي فئڪٽري ۾ مشين آپريٽر طور پورهيو ڪندو آهي جيڪو گذريل 4 جون جي صبح جو لاڙڪاڻي گهر آيو جتان گذريل 8 جون جي سوير کيس گهر مان کنڀي گم ڪيو ويو جنهن جو ڪنهن به تنظيم سان ڪو به واسطو ناهي ۽ نه ئي سندس مٿان ڪو ڪيس داخل آهي پر ان جي باوجود کيس بيگناهه کنڀي گم ڪري ظلم ڪيو ويو آهي جنهن جي کنڀجڻ بعد اسان جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي.هن چيو ته اسين پرامن شهري آهيون ۽ مسلسل مهيني کان وٺي پرامن احتجاج پيا ڪريون پر افسوس جو ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو ۽ نه ئي پٽ آزاد ٿي سگهيو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته کنڀي گم ڪيل نوجوان نديم علي مغيري کي آزاد ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.