گڏاپ ۾ ساڙي زخمي ڪيل 3 ڄڻا اذيت واري زندگي گذارڻ لڳا

گڏاپ (ن ع آ )سھراب ڳوٺ ٿاڻي جي حد لاسي ڳوٺ ۾ گھريلو تڪرار تان چاچي ولي محمد پنھور ۽ ٻين وارث پنھور جي گھر تي چڙھائي ڪري ڪيمڪل ھاري ست ڄڻن کي ساڙي ڇڏيو جن ۾ وارث پنھور ۽ غلام محمد پنھور دوران علاج زخمن جا سور نه سھي فوت ٿي ويا جڏھن ته رضوان ولد غلام سرور ، غلام رسول ولد فيض محمد ۽ ٻارڙي سوڌو ٽي ڄڻا سڙي سخت زخمي ٿيا جن جي حالت اڄان نه سڌري سگھي غريب ھجڻ ڪري اسپتال مان ڊسچارج ڪري گھر روانو ڪري ڇڏيو، رضوان ۽ غلام رسول جون ٻئين ٽنگيون سڙي وڃڻ ڪري اذيت واري گزارڻ تي مجبور آھن، ان موقعي تي سڙي زخمي ٿيل پورھيتن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته جوابدار ولي محمد پنھور باھ ڏئي مين گيٽ بند ڪري ڇڏيو رڙين تي پاڙي وارن اسان کي ڪڍي ورتو جسم کي ايتري قدر باھ وڪوڙي وئي جو ھنن پاڙي وارن مٽي ۽ گاھ وجھي باھ وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر جسم تي ڪيميڪل ھارڻ سبب اسي سيڪڙو جسم سڙي چڪو ھيو، بعد ۾ پوليس پھچي اسان کي ليٽر ڏئي اسپتال موڪليو، پورھيتن ڏک جو داستان ٻڌائيندي روئي ڏنو سندن چوڻ ھو ته جسم جا فٽ ناسور بڻجي چڪا آھن، ھو ھن مھل چري پري به نٿا سگھن.ھنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس، وڏي وزير مراد علي شاھ، پ۔ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ڊي جي رينجرس، آء جي سنڌ، ايڊيشنل آء جي سنڌ، ايس ايس پي اوڀر، ڊي ايس پي سھراب ڳوٺ کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته لاسي ڳوٺ سانحي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪثھڙي ۾ آڻي انصاف فراھم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.