سنڌ جي تعليم واري وزير محترم سعيد غني کي هڪ دانهن  !!!

اشرف لاريب

بهترين فرد بهترين تعليمي نظام سان ئي ممڪن آهن ، ڇاڪاڻ ته تعليم ئي ملڪ ۾ ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿي جيڪڏهن ملڪ جي تعليمي نظام کي تباهه ڪيو وڃي ته پوءِ ڪنهن ملڪ کي تباهه ڪرڻ لاءِ ٻاهرين حملا آورن جي ضرورت نه پوندي.

اسان جي ملڪ جو تعليمي نظام هن وقت جنهن حالت ۾ بيٺو آهي اهو ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي ،هر سال سڀ کان گهڻي بجيٽ پڻ تعليم جي سڌاري لاءِ مختص ڪئي ويندي آهي پر افسوس اها بجيٽ ڪٿي خرچ ٿئي ٿي اهو سوال پنهنجي جاءِ تي اهم آهي ،جيئن ته سنڌ ۾ نائين ڏهين جا  ساليانا امتحان شروع ٿي چڪا آهن ،ان ڪري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ امتحاني سينٽرن تي شاگردن جي رش کان علاوه والدين ۽ ڪاپي ڪرائيندڙن جي  ڌم مچيل آهي .سمورو سال شاگرد اسڪولن مان غائب رهڻ کان پوءِ سال جي آخر ۾ بورڊ جا ساليانا امتحان شروع ٿيندي ئي فوٽو اسٽيٽ مشينن تي رش لڳائي ڇڏيندا آهن، سموري سنڌ ۾ جيتري فڪر امتحانن ڏيندڙن جي والدين کي هوندو آهي اوترو امتحان ڏيندڙ شاگردن کي نه هوندو آهي ،

بورڊ جا امتحان شروع ٿيڻ کان پهرين تعليم سان واسطو رکندڙ ادارا امتحانن جون تياريون ڪرائڻ شروع ڪندا آهن مختلف ٽيمون ٺاهيون وينديون آهن  امتحان کي شفاف بڻائڻ لاءِ ڪيتريون ئي گڏجاڻيون ڪرايون وينديون آهن ۽ پوءِ انهن ٽيمن  ۾ موجود ميمبرن جا واسطا سڌي يا اڻ سڌي طرح سان والدين سان ٺهڻ شروع ٿي ويندا آهن ۽ پئسن ڏوڪڙن جي لين دين شروع ٿي ويندي آهي انهن ٽيمن ۾ ڪي فرض شناس ايماندار ميمبر پڻ هوندا آهن جن وٽ نه صرف بهترين Mechanism  هوندو آهي پر ڪاپي جي روڪٿام لاءِ سچو عزم پڻ هوندو آهي ،ان ڪري سنڌ ۾ قائم مختلف امتحاني سينٽرن جو ڪلچر پڻ مختلف نوعيت جو هوندو آهي جتي فرض شناس ايماندار ٽيم ليڊر جي موجودگي ۾ امتحاني سينٽر هوندو آهي ان سينٽر کان سڀئي ماڻهو ،شاگرد،والدين ڊنل هوندا آهن پوءِ اتان جي امتحاني سننٽرن کان شاگرد توري والدين پڻ لنوائيندا آهن پوءِ امتحاني سينٽر تبديل ڪرائڻ لاءِ حيلا هلائڻ شروع ڪري ڏيندا آهن،

سنڌ ۾ ڪجهه اهڙا به امتحاني سينٽر موجود آهن جيڪي ڪيئي ڏهاڪا گذرڻ کان پوءِ به ڪاپي ڪرائڻ جي حوالي سان مشهور ۽ بدنام پڻ آهن اهڙن امتحاني سينٽرن ۾ نه صرف ڪاپي ڪلچر عروج تي هوندو آهي پر اتان جا تعليمي ڪامورا پڻ لک پتي بڻجي ويندا آهن، انهن جون ملڪيتون پگهارن کان وڌ هونديون آهن انهن جي در تي لينڊ ڪروزر ۽ ٻيون قيمتي گاڏيون پڻ بيٺل هونديون آهن اهڙا ڪامورا سياسي اثر رسوخ پڻ رکندا آهن ،انهن جي انهن ڪمن  جي خبر شهر جي مقامي ماڻهن کي به هوندي آهي .

چوندا آهن ته جتي زبانون ڪجهه ڪُڇي نه سگهنديون آهن اتي ذهن سوچڻ لڳندا آهن جتي ڪير ڪنهن کي منهن تي برو نه چئي سگهندو آهي اتي دل ئي دل ۾ ان شخص کي برو ضرور سمجهندو آهي.اسان جي معاشري ۾ پڻ اهڙي قسم جو ڪلچر  هٿ سان ٺاهيو ويو آهي…جيئن ته هن وقت نائين ڏهين جا امتحان شروع ٿي چڪا آهن ان ڪري صبح ٿيندي ئي شاگردن ۽ والدين جي امتحاني سينٽرن جي گيٽ تي رش لڳل هوندي آهي سخت گرمي ۾ امتحان ڏيندڙ شاگرد توڙي ڪاپي ڪرائيندڙ سينٽرن جي ٻاهران بيٺل نظر ايندا آهن ،رش مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته امتحاني سينٽرن جو نظم وضبط ڪيئن آهي ؟

منهنجي ذهن ۾ اڪثر اهو سوال پيدا ٿيندو آهي ته قطار ۾ وقت جي پابندي سان هرڪو پنهنجي سلپ ڏيکاري بنا دير جي ڇو نٿو امتحان ڏيڻ  اچي ؟ اسان جي معاشري ۾ جيتري سختي امتحانن دوران ڪئي ويندي آهي اوتري سختي عام ڏينهن ۾ پڙهائي دوران مانيٽرنگ ڇو نٿي ڪئي وڃي ؟ والدين امتحانن دوران جيترو خرچ رشوت ڏيڻ ۾ ڪن ٿا اوترو خرچ ٻارن جي تربيت ۽ تعليم تي ڇو نٿا ڪن ؟ اسان جو معاشرو ڏينهنون ڏينهن تعليمي پسماندگي جو شڪار ٿي رهيو آهي ،هڪ سروي مطابق پاڪستان ۾ سڀ کان گهڻي ڪرپشن تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ٿئي ٿي ،پاڪستان ٺهڻ کان هن وقت تائين سنڌ صوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ تعليم وارا وزير جلدي جلدي تبديل ٿيندا رهيا آهن ان مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسين تعليم جي حوالي سان ڪيترا حساس ۽  ڪيترا سنجيده فيصلا ڪندا آهيون ؟ بار بار تعليم وارو وزير تبديل ڪرڻ سان ئي ملڪ جي تعليمي رٿائن تي اثر پوي ٿو…..۽ عام تعليم جي آفيسرن کي ئي ڏسو انهن جون بدليون ڪيتري حد تائين ٿينديون  رهيون آهن اها ڳالهه پڻ سوچڻ جهڙي ۽  غور طلب پڻ آهي….

ڪاپي ڪلچر تي ئي نظر وجهجي ته اسان جو صوبو سنڌ ڪاپي ڪلچر جي حوالي سان تمام گهڻو  بدنام ڪيو ويو آهي ۽ اسان جي صوبي جي  ڪجهه  علائقن ۾ ڪاپي پڻ عروج تي آهي اهو سبب آهي جو اسان جي صوبي کي ڪجهه علائقن ۾ ڪاپي ڪرائڻ واري رجحان  جي ڪري هٿ سان بدنام پڻ ڪيو ويو آهي جيتوڻيڪ ڪاپي ڪلچر سنڌ صوبي کان علاوه ٻين صوبن ۾ پڻ آهي…اخبار ن کي ئي ڏسجي ته سنڌ جي هر هڪ اخبار ۾ سنڌ ۾ قائم امتحاني سينٽرن ۾ ڪاپي ڪرائڻ واريون خبرون اڄڪلهه گردش ڪندي  نظر اينديون .سنڌ جا اهڙا ڪيئي امتحاني سينٽر جن ۾ ڪاپي ڪرائي وڃي ٿي اتي جون امتحاني ٽيمون پڻ خاموش تماشائي بڻيل آهن ،انويجيليٽرز امتحاني هالن ۾ بي وس نظر ايندا آهن ،اهڙي ريت سالن کان وٺي ڪاپي ڪلچر عروج تي آهي ،ڪيترائي تعليمي ماهر،تعليمي آفيسر ،تعليمي وزير اهڙا ڪي به سخت قدم کڻي نه سگهيا آهن جن سان ڪاپي ڪلچر جو جڙ کان خاتمو آندو وڃي.اسان تعليم جي حوالي سان ايترا غير سنجيده ڇو آهيون ؟اسان  جي صوبي جون تعليمي پاليسيون فيل ڇو ٿين ٿيون؟ اسان جو تعليمي بجيٽ درست نموني استعمال ڇو نٿي ٿئي ؟

اسان جي موجوده تعليم واري وزير تمام سٺيون پاليسيون جوڙيون آهن تمام سٺا قدم کنيا آهن پر ڪاپي ڪلچر جي روڪٿام لاءِ اڃا به وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.ڪاپي ڪلچر جي مڪمل خاتمي لاءِ اسان جي صوبي سنڌ ۾ ڪجهه ادارن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪجهه پيش رفت ڪرڻ شروع ڪئي آهي جنهن ۾ تازو ئي سنڌ جي  ڏهرڪي تعلقي ۾ جديد امتحاني سرشتو قائم ڪيو ويو  آهي جنهن ۾ شاگردن جي ويهڻ ،امتحان ڏيڻ ،سلپون ۽ امتحان جي شفاف نموني مانيٽرنگ ڪرڻ لاءِ سي سي ڪئمرائون نصب ڪري امتحاني  سرشتو بهترين نموني بنايو آهي ان سلسلي ۾ انهن  شاگردن جي والدين کي پڻ اعتماد ۾ ورتو آهي ،ان عمل کي  عوام ۽ علم دوست ساٿين تمام گهڻو ساراهيو آهي،

منهنجي سنڌ جي وزير تعليم محترم سعيد غني صاحب جن کي پر زور اپيل آهي ته سنڌ جي جن علائقن ۾ ڪاپي ڪلچر جون خبرون آيون آهن اتي ترت قدم کنيو ُوڃي ته جيئن سنڌ جو نئون نسل ڪاپي جي ناسور کان جلد جان ڇڏائي معياري تعيلم جي حصول لاءِ اڳتي اچي سگهي  …..اميد ته حڪومت سنڌ ان تي نوٽيس ضرور وٺندي ڇاڪاڻ ته معياري تعليم سان ئي سنڌ جا سمورا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا ،اسان وٽ ٽيلينٽ ،ايمانداري،فرض شناس انسانن جي کوٽ نه آهي َضرورت ان ڳالهه جي آهي ته تعليم جي حوالي سان سنجيدگي  سان سوچون ! ڪاپي ڪلچر جو حقيقي معنيٰ ۾ خاتمو آڻيون.پنهنجي پياري سنڌ صوبي کي نقل ڪرائڻ واري الزامن کان ۽ بدنامي کان بچايون . ان لاءِ محترم سعيد غني صاحب جن کي هاڻي سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر  کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻو پوندو  !

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.