مودي ۽ شريف خاندان جي ملڪ دشمني ڪنهن کان به لڪل نه آهي: فردوس عاشق

لاهور (م  ڊ) پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪشميرين مٿان ظلم ڪندڙ مودي سرڪار ۽ شريف خاندان جي ملڪ دشمني ڪنهن کان به لڪيل نه آهي. مودي(ن) ليگ جي مٿي جو تاج بڻيل آهي. آزاد ڪشمير ۾ مريم نواز جي خطاب تي رد عمل ڏيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مودي ۽ شريف خاندان جي ملڪ دشمني ڪنهن کان به لڪل نه آهي. هن چيو ته نوازشريف مودي ۽ جندال سان ملي ڪشميرين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي رهيو آهي. جڏهن ته مودي جي يار ڪشميرين جي پٺي ۾ ڇرو هنيو. ڪشميرين  مٿان ظلم ڪندڙ مودي(ن) ليگ جي مٿي جو تاج بڻيل آهي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن مظفر آباد ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز وزيراعظم عمران خان کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو ويو. مريم نواز چيو هو ته عمران خان ڪشمير جي لاءِ 2 منٽن جي خاموشي اختيار ڪرڻ جو چيو هو ۽ اڄ تائين خاموشي اختيار ڪري ويٺل آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.