“سنڌ ۾ رڳو ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ وارا مسافر ئي سفر ڪندا: اويس شاهه

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي فيصلي تي عملدرآمد  شروع ڪيو ويو. سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير اويس شاهه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اين سي او سي جي فيصلي جي روشني ۾ مسافرن گاڏين ۾ ڪورونا ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ چيڪ ڪيا ويندا ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ جي سمورن ريجنل ٽرانسپورٽ سيڪريٽريز کي حڪم جاري ڪيا ويا آهن. هن چيو ته بين الصوبائي ۽ ضلعي پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ ڪورونا ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ چيڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پبلڪ ٽرانسپورٽ مالڪ، آپريٽرز ۽ مسافر ويڪسينيشن سان ئي سفر ڪري سگهن ٿا، ٽرانسپورٽرز ڪورونا سرٽيفڪيٽ کان سواءِ مسافر کي بس جي ٽڪيٽ نه ڏين، شهرين جي سهڪار سان ئي اسان ڪورونا وبا جي پکڙجڻ کي روڪي سگهون ٿا. ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير ٻين صوبن مان ايندڙ سمورن مسفارن کي ڪورونا سرٽيفڪيٽ گڏ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته ڊرائيورز ۽ ڪنڊيڪٽرز کي به ڪورونا سرٽيفڪيٽ گڏ رکڻ جو چيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.