امتحان ملتوي نه ڪرڻ تي اپوزيشن جو قومي اسيمبلي مان واڪ آئوٽ

اسلام آباد(م ڊ) ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان ملتوي نه ڪرڻ تي اپوزيشن قومي اسيمبلي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪندي ڪورم جي نشاندهي به ڪري ڇڏي. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، جنهن ۾ ٻاهرين ملڪن ۾ ڦاٿل پاڪستانين بابت اعتراض تي هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو ته اين سي او سي کان اڏامون 67 سيڪڙو تائين وڌائڻ جي درخواست ڪئي آهي ۽ 20 جولاءِ تائين سمورن ڦاٿل ماڻهن کي عزت ۽ احترام سان ملڪ ۾ واپس آندو ويندو. ن ليگ جي خواجه سعد رفيق چيو ته تعليم واري وزير شفقت محمود سان رابطو ڪري چيو ويو ته شاگردن جا امتحان ملتوي ڪيا وڃن، پر هن وقت تائين حڪومت ڪو به جواب ناهي ڏنو، ٻڌايو وڃي ته حڪومت هڪڙو امتحان وٺي شاگردن کي فيل ڪري 45 ڏينهن کانپوءِ ٻيهر ضمني امتحان ڇو وٺڻ چاهي ٿي؟ پارلياماني سيڪريٽري تعليم وجيها اڪرم چيو ته بلوچستان ۾ امتحان مڪمل ٿي چڪا آهن، سنڌ ۾ جاري آهن ۽ جاري امتحانن کي ڪيئن رد ڪري سگهجي ٿو؟ جنهن کانپوءِ مسلم ليگ ن سميت ٻين اپوزيشن پارٽين ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو جڏهن ته ان دوران ن ليگ جي شيخ فياض الدين ڪورم جي نشاندهي ڪري ڇڏي ۽ ڪورم پورو نه هجڻ سبب اجلاس سومر تائين ملتوي ڪيو ويو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.