ڪوٽڙي: پورهيت ٺارو شورو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو

15 ڏينھن اڳ حيدرآباد جي ھڪ شادي هال ۾ ڄاڃين هٿان تشدد ڪري قتل ڪيل پورھيت ٺارو شورو جي قاتلن جي گرفتاري لاء نوجوان شورا اتحاد پاران ڪوٽڙي جي المدينا چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪري قاتلن جي گرفتار لاء زوردار نعري بازي ڪئي وئي ، ان موقعي اڳواڻن وقار ـ ياسر ـ منير ـ گلشير ـ سليم شورو ۽ ٻين چيو ته 15 ڏينھن گذرڻ جي باوجود حيدرآباد بلديا ٿاڻي جي پوليس پورھيت ٺارو شورو جا قاتلن گرفتار نه ڪري سگهي آهي ، ھنن چيو پوليس قاتلن جي ساٿاري بڻيل آھي،  ھنن آء جي سنڌ چيف جسٽس سنڌ ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته پورھيت ٺارو شورو جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.