غوثپور: مختلف برادرين پاران مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ خلاف احتجاج

مختلف برادرين جي ماڻهن پاران پي ٽي آءِ ايم پي اي ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو سخت نعريبازي ڪئي وئي، لال محمد ڏاھاڻي، راجا ميراڻي، ڪريم بخش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ صوبائي وزير  شبير علي بجاراڻي خلاف سازش طور غلط بياني ڪئي وئي،حليم عادل شيخ پاڻ قبضا مافيا آهي،پاڻ هڪ وڏو ڪرمنل قسم جو ماڻهو آهي هُن تي قتل سميت ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن،هنن گهر ڪئي تہ حليم عادل شيخ جي صوبائي اسيمبلي ميمبر شپ معطل ڪئي وڃي، هنن وڌيڪ چيو ته بجاراڻي خاندان جي تاريخ رهي آهي ته هنن هميشہ ڏوهارين جي مخالفت ڪئي آهي ۽ پنهنجي علائقي جي امن امان جي لاءِ هميشه پاڻ پتوڙيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.