”ڪيريئر جي مُنڍ ۾ جسماني لاڳاپا رکڻ جا مطالبا ڪيا ويا“

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا منيشا لامبا انڪشاف ڪيو آهي ته ڪيريئر جي مُنڍ ۾ مون کان جسماني لاڳاپا رکڻ جا مطالبا ڪيا ويا.

پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ منيشا لامبا چيو ته بالي ووڊ ۾ اداڪارائن کي جنسي طور هراسان ڪيو ويندو آهي، ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن ۾ مون کي ڊائريڪٽرن ۽ پروڊيوسرن هراسان ڪيو.

هن چيو ته ڪيترائي ڀيرا فون ڪري چيو ويندو هو ته اڃا فلم ته فائنل ناهي ٿي پر اسان مانيءَ تي ملي ٿا سگهون، مان سدائين ڪوشش ڪندي هيس ته ملاقات ٻاهر نه آفيس ۾  ٿئي.

سندس چوڻ هو ته ڪيترائي دفعا ملاقات ۾ جسماني لاڳاپن جو مطالبو ڪيو ويندو هو پر ڄاڻي واڻي ائين ظاهر ڪندي هيس ته مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.