ڄامشورو: جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي سڏ تي احتجاجي ريلي، نعري بازي

جي يو آء سنڌ جي سڏ تي سڄي سنڌ وانگر ڄامشورو ۾ به احتجاج ريلي ڪڍي وئي, بابري مسجد کان ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب تائين نڪتل ريلي جي اڳواڻي ڪندڙن مولانا محمد قاسم خاراني, مولانا سڌير احمد رند, حافظ جميل احمد لغاري, مولانا صبغت الله بازري ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پ پ جي ڪرپشن سبب سنڌ وڏي ڏکي دور مان گذري رهي آهي, سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون بحريا ٽائون حوالي ڪيون ويون آهن, سنڌ جي پاڻي تي وڏيرن ۽ سردارن قبضو ڪري سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون سڪائي ڇڏيون آهن, سنڌ جي ٻيٽن تي قبضا ڪرايا ويا آهن, سنڌ جي سرڪاري تعليمي ادارن کي هٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آهي, سنڌ ۾ پ پ جي ڪرپٽ حڪمرانن جي سرپرستيء هيٺ ڌاڙيل ڪلچر وري ٻيهر ڪر کنيو آهي, هنن چيو ته اهي سڀ مسئلا پ پ حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ نااهلي سبب پيدا ٿيا آهن,  هنن چتاءۡ ڏيندي چيو ته پ پ جا ڪرپٽ حڪمران پنهنجو قبلو درست ڪن ٻي صورت ۾ سندن گهيراءۡ ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.