سنڌ جي 1477 اربن جي بجيٽ پيش، پگهارن ۾ 20 ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)  سنڌ ۾ حڪمران پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي مالي سال 22-2021 جو 1477.903 ارب رپين جي ڪاٿي جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، جنهن ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 20 سيڪڙو واڌ ۽ گهٽ کان گهٽ اجرت 25 هزار ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو جتي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايندڙ مالي سال جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بجيٽ تقرير ڪندي چيو ته ايندڙ مالي سال 22-2021ع جي لاءِ صوبي جي بجيٽ جو گڏيل ڪاٿو 1477.903 ارب رپيا آهي ۽ هي خساري جي بجيٽ آهي.

هن چيو ته صوبائي بجيٽ ۾ 19.1 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي جڏهن ته خساري جو ڪاٿو 25.738 ارب رپيا لڳايو ويو.

مراد علي شاهه چيو ته ايندڙ مالي سال 22-2021ع جي لاءِ صوبي جون پنهنجون وصوليون 329.319 ارب رپيا آهي ۽ متواتر خرچ 1089.372 ارب رپيا آهي.

هن چيو ته ايندڙ مالي سال 22-2021ع ۾ صوبي جا ترقياتي خرچ 329.033 ارب رپيا آهي ۽ ترقياتي خرچن ۾ 41.3 سيڪڙو جي واڌ ڪئي وئي آهي.

سندس چوڻ هو ته ايندڙ مالي سال ۾ صوبائي اي ڊي پي جي لاءِ 222.500 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن ۽ صوبائي اي ڊي پي (ترقياتي بجيٽ) ۾ 43.5 سيڪڙو جي واڌ ڪئي وئي آهي ۽ ضلعي اي ڊي پي جي لاءِ 30 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن جيڪا 100 سيڪڙو واڌ آهي.

سرڪاري ملازمن جون پگهارون ۽ مراعتون:

مراد علي شاهه چيو ته اسان سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ بنيادي پگهار جو 20 سيڪڙو واڌ تجويز ڪري رهيا آهيون، حڪومت جي ڪارڪردگي هن جي ملازمن جي ڪاڪردگي سان تعلق رکي ٿي ۽ سنڌ حڪومت هر ملازم کي عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي.

هن چيو ته مزدور طبقي جي فلاح ۽ بهبود کي نظر ۾ رکندي مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 17500 رپين کان وڌائي 25000 رپيا ماهوار ڪرڻ جي تجويز آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪل پگهار ۽ گهٽ کان گهٽ پگهار يعني 25000 رپين جي فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي گريڊ هڪ کان 5 تائين جي ملازمن لاءِ هڪ پرسنل الائونس جي به تجويز آهي.

هن چيو ته نئين مالي سال ۾ سنڌ حڪومت جي ريٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ 10 سيڪڙو تجويز ڪئي وڃي ٿي.

تعليم:

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته قوم جي زندگي ۾ تعليم سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ بنيادي عنصر آهي، سنڌ حڪومت سڀني کي معياري تعليم جي فراهمي لاءِ ڪوشان آهي.

هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت نئين مالي سال جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ وسيلا تعليم جي مد ۾ مختص ڪيا آهن ۽ موجوده مالي وسيلن ۾ 13.5 سيڪڙو جي واڌ ڏسي سگهجي ٿي.

مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته تعليم جي لاءِ 244.5 ارب رپين کان وڌائي 277.58 ارب رپيا تجويز ڪيا آهن جڏهن ته گذريل مالي سال تعليم جي لاءِ 21.1 ارب رپيا مختص ڪيا ويا هئا.

هن چيو ته اِهي اسڪول ايجوڪيشن، ڪاليج ايجوڪيشن، يونيورسٽي، خاص ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ صلاحيتن جي ترقي جي لاءِ مختص هئا.

سندس چوڻ هو ته نئين مالي سال ۾ حڪومت ان شعبي لاءِ 26 ارب رپيا مختص ڪيا آهن.

 ميڊيڪل ايجوڪيشن:

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته عام صحت جي خدمتن کي ميڊيڪل ايجوڪيشن سان گڏوگڏ هم آهنگي رکڻ هڪ آزمائش کان گهٽ ناهي جڏهن ته بهترين انساني وسيلن کي ڪتب آڻڻ سولو ناهي.

هن چيو ته صوبي ۾ ميڊيڪل ايجوڪيشن جي مد ۾ 45 سيڪڙو واڌ سان گڏ ان رقم کي 2.846 ارب رپيا وڌايو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته 6.294 ارب رپين جي رقم وڌائي نئين مالي سال جي لاءِ 9.141 ارب رپيا ڪئي وئي آهي ۽ 691 نيون جايون تجويز ڪيون ويون آهن جنهن جو مالي ڪاٿو 509.790 ارب رپيا آهي.

هن چيو ته نئين مالي سال جي لاءِ ميڊيڪل ايجوڪيشن جو ساليانو ترقياتي پروگرام 1.15 ارب رپيا آهي.

ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمنٽ:

مراد علي شاهه چيو ته نئين مالي سال 22-2021 جي لاءِ ڪاليج ايجوڪيشن جي بجيٽ 11.8 سيڪڙو واڌ سان گڏ 22.8 ارب رپيا ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته نئين مالي سال ۾ 43 جاري اسڪيمن ۽ 64 نين اسڪيمن جي لاءِ اي ڊي پي ۾ 4 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي.

سندس چوڻ هو ته نئين مالي سال جي لاءِ صوبي ۾ 5 نوان پبلڪ ڪاليج منظور ڪيا ويا آهن، 120 ارب رپيا سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو لاءِ مختص ڪيا پيا وڃن.

هن چيو ته اهڙا سرڪاري ملازمن جيڪي هلندڙ مالي سال دوران لاڏاڻو ڪري ويا، انهن جي وارثن جي مالي امداد لاءِ 46.20 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 17 نوان ڊگري ڪاليج حيدرآباد، ڄامشورو، سکر، شڪارپور، جيڪب آباد، سانگهڙ، عمر ڪوٽ، ڪورنگي، ملير ۽ اولهه ڪراچي ۾  قائم ڪيا ويندا.

اسڪول ايجوڪيشن:

مراد علي شاهه چيو ته نئين مالي سال ۾ اسڪول ايجوڪيشن کاتي ۽ خواندگي لاءِ 222.102 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

هن چيو ته اسڪول تعليم کاتي ۽ خواندگي جي 117 جاري اسڪيمن ۽ 186 نين اسڪيمن جي لاءِ 14 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.

يونيورسٽيز ۽ بورڊز:

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هلندڙ مالي سال ۾ سرڪاري شعبي ۾ يونيورسٽيز جي گرانٽ 11.07 ارب رپياهئي پر نئين مالي سال ۾ گرانٽ جو ڪاٿو وڌائي 20 سيڪڙو واڌ سان گڏ 13.314 ارب رپيا ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته نائين ۽ ٻارهين درجي ۾ رجسٽريشن، انرولمنٽ ۽ سالياني امتحاني فيس لاءِ 2 ارب رپيا مختص ڪيا پيا وڃن.

سندس چوڻ هو ته سنڌ جي بورڊز ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر ميڊيٽ ۾ اي ون گريڊ حاصل ڪندڙ شاگردن کي اسڪالر شپ ڏيڻ لاءِ 1.2 ارب رپيا مختص ڪيا پيا وڃن.

هن چيو ته نئين مالي سال ۾ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي لاءِ 416.516 ارب رپيا مختص ڪيا پيا وڃن.

صحت جو شعبو:

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪوويڊ 19 جي وبا جتي هڪ پاسي سڄي دنيا جي صحت جي نظام کي متاثر ڪيو ۽ ان وبا جي ڪري صحت جي ضروري سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ هڪ چيلينج بڻيل رهيو.

سندس چوڻ هو ته ان سلسلي ۾ سڄي سنڌ صوبي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ جي تحت ان وبا جو مقابلو ڪاميابي سان ڪيو ويو، ان دوران صحت جي ٻين سهولتن جي فراهمي کي به يقيني بڻايو ويو.

هن چيو ته صحت جي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيترن ئي معاهدن جو مدو پورو ٿيڻ وارو آهي ۽ نئين سال ۾ صحت جي فراهمي جا اهڙا وڌيڪ معاهدا ڪيا ويندا.

زراعت ۽ آبپاشي:

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته زراعت جو شعبو اسان جي معيشت جو سڀ کان وڌيڪ مددگار شعبو آهي ۽ اسان جي آبادي جو 60 سيڪڙو کان وڌيڪ دارومدار زراعت جي شعبي تي ئي آهي ۽ سنڌ حڪومت زراعت جي شعبي ۾ ممڪن حد تائين بهتر آڻڻ جو ارادو ڪري رکيو آهي ڇو ته هي شعبو قومي پيداوار ۾ 15 کان 17 سيڪڙو ڪڻڪ، 33 کان 45 سيڪڙو چانور ۽ 25 سيڪڙو ڪمند جي پوک فراهم ڪندو آهي.

هن چيو ته ايندڙ ملي سال جي لاءِ زراعت جي شعبي لاءِ مختص بجيٽ کي 14.8 ارب رپين کان وڌائي 15.26 ارب رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي، موجوده مالي سال جي سالياني ترقياتي پروگرام ۾ زراعت جي شعبي لاءِ 2.28 ارب رپيا رکيا ويا هئا جڏهن ته مالي سال 22-2021ع جي لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

پاڻي جي موجودگي لاءِ گڏيل نظام:

پاڻي جي موجودگي لاءِ سنڌ حڪومت پاڻي جي موجودگي جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هڪ گڏيل منصوبا سازي ڪئي آهي، اجتماعي منصوبا سازي ۾ صوبي ۾ قائم بيراجن کي پختو ڪرڻ لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻ، ترسيل جي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ صوبي جي ڍنڍن واري نظام جي انفرا اسٽريڪچر کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سيڙپڪاري، آن فارم واٽر مينجمنٽ ۽ پاڻي جي پيداوار ۾ بهتري آڻڻ شامل آهي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ان ڳالهه کان پوري طرح آگاهه آهي ته پاڻي ۽ زراعت جي وچ ۾ گڏيل ربط آهي ان ڪري وڌيڪ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، حڪومت ريني ڪينال جي ذريعي نارا ريجن ۾ پاڻي جي موجودگي کي بهتر بڻائي رهي آهي ۽ ٿرپارڪر ۽ ڪاڇي جي علائقن ۾ اسٽوريج ۽ ڊيمن جي ذريعي پاڻي جي موجودگي کي بهتر بڻائي رهي آهي.

هن چيو ته 22-2021 جي مالي سال لاءِ زراعت کاتي جي خرچن جي بجيٽ جو ڪاٿو 21.23 ارب رپيا لڳايو ويو آهي ۽ ان ۾ موجود سالياني ترقياتي پروگرام جون گڏيل طور تي 182 اسڪيمون شامل آهن ۽ انهن جي لاءِ 11.960 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.

سندس چوڻ هو ته انهن مان 164 اسڪيمون جاري آهن جڏهن ته 18 هلندڙ مالي سال دوران شروع ڪيون ويون آهن ۽ وڌيڪ 17 ارب رپيا ايريگيشن سيڪٽر جي لاءِ مختص ڪيا ويا آهن.

اسٽيمپ ڊيوٽي ۽ خدمتن تي سيلز ٽيڪس:

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪنونس ۽ مختلف ڪاغذن تي اسٽيمپ ڊيوٽي جي شرح کي 2 سيڪڙو کان هڪ سيڪڙو ڪيو پيو وڃي، مسواڙ جي اسٽيمپ ڊيوٽي جي شرح 1.5 سيڪڙو کان هڪ سيڪڙو ڪئي پئي وڃي.

سندس چوڻ هو ته پاور آف اٽارني جي لاءِ ان جي شرح کي 3 سيڪڙو (خريداري جي رقم) کان گهٽ ڪري ويليوايشن ٽيبل جي موجب اصل قيمت جي فلوٽنگ ريٽ جو هڪ سيڪڙو ڪيو پيو وڃي.

روڊ انفرا اسٽريڪچر:

سيد مراد علي شاهه چيو ته گذريل سال بجيٽ تقرير ۾ ٻڌايو ويو هو ته پبلڪ پرائيوٽ پارنر شپ جي تحت ملير ايڪسپريس وي پراجيڪٽ بڻائينداسين.

هن چيو ته ان پروجيڪٽ جي تحت 38.75 ڪلو ميٽر 6 ٽينڊر 27.58 ارب رپين ۾ ڏنو ويو آهي ۽ ان سان سنڌ حڪومت کي اربين رپين جي بچت ٿي.

هن چيو ته اميد آهي ته ايندڙ ٻن کان ٽن مهينن ۾ فائنل ڪلوز حاصل ڪيو ويندو، ان منصوبي سان نه رڳو ڪراچي ۾ ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو پر اچ وڃ جو هڪ محفوظ ذريعو فراهم ٿيندو ۽ انفرا اسٽريڪچر ۾ مدد ملندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.