ٽنڊو رحيم خان:کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،2 ڄڻا زخمي،احتجاج

ٽنڊو رحيم خان ويجهو گاجي شاه ۾ ڪارو ڪاري جي تڪرار تان کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو ، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب عورت سميت ٻه ڄڻا گلبهار ۽ مسمات وزيره کوسو زخمي ٿي پيا .متاثر مسمات وزيره  کوسو . گلبهار کوسو . گلزار کوسو ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو ته مخالف ڌر جا ماڻھو شاهنواز کوسو، غلام حسين کوسو . آدم کوسو انهن جي مٿان ڪارنهن جو الزام لڳائي ڏمرجي پيا آھن ۽ انهن کان زبردستي ڏنڊ گهري رهيا آھن،  هنن چيو ته هو صفا مسڪين آھن ۽ بااثرن جي چوڻ تي تي اسان کي هتان کان لڏو کڻي وڃڻ لاء به زور ڀري رھيا آھن ، هو هرروز اسان جي گهرن ۾ گهڙي اسان کي ۽ اسان جي عورتن کي مارڪٽ ڪندا آھن ، گاجي شاه پوليس به اسان جي ٻڌڻ لاء تيار ڪونهي اسان ڳوٺ جي هر نيڪ مرد کان فيصلو ڪرائڻ لاء تيار آھيون پر هو ڪنهن جي ٻڌڻ  لاء تيار ناهن،  هنن ايس ، ايس . پي دادو ۽ آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ظالمن کان انهن جي جان ڇڏرائي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.