ملڪي دفاعي بجيٽ ۾ 74 ارب رپين کان مٿي واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايندڙ مالي سال 22-2021 جي بجيٽ ۾ دفاعي معاملن ۽ خدمتن جي بجيٽ ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي.

ايندڙ مالي سال 22-2021 جي بجيٽ جي دستاويز موجب دفاعي معاملن ۽ خدمتن لاءِ 1373.275 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

گذريل مالي سال جي بجيٽ ۾ دفاع جو نظرثاني ٿيل ڪاٿو 1299.188 ارب رپيا رکيو ويو هو ۽ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ دفاع لاءِ 74.087 ارب رپين جي واڌ ڪئي وئي آهي.

بجيٽ دستاويز موجب دفاعي انتظاميا لاءِ 3.275 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته دفاعي خدمتن لاءِ 1370 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جنهن مان ملازمن جي خرچن لاءِ 481.592 ارب رپيا، عملي خرچن لاءِ 327.136 ارب رپيا، مادي اثاثن لاءِ 391.499 ارب رپيا ۽ تعميرات لاءِ 169.773 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.