عادلپور پوليس پاران مقتول نوجوان جو قتل ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف احتجاج

عادلپور پوليس پاران هڪ ڏينهن اڳ قتل ٿيل ڳوٺاڻي عمر گڏاڻي جو قتل ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار خلاف مقتول جي امڙ ۽ ٻين وارثن پاران پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪيو ويو، مقتول عمر جي پيرسن امڙ خانزادي گڏاڻي ،گل بهار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گڏاڻي برادري جي ماڻهن پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪيو، ان موقعي تي سندن چوڻ هو ته عادلپور پوليس اسان جي نوجوان عمر گڏاڻي جي بااثر قاتلن کي بچائڻ لاء ڪيس داخل نه پئي ڪري، عادلپور ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون. احتجاج ڪندڙن چيو ته اسان جي نوجوان کي ملڪ برادري جي جوابدارن امداد ملڪ، بابر، ميانداد ملڪ، گهرام ۽ شاهنواز گهر ۾ گهڙي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي، پوليس خون لوڙهڻ چاهي ٿي ، هنن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور قتل ڪيس داخل ڪري قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ،هوڏانهن گڏاڻي اتحاد پاران پڻ مقتول عمر گڏاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاج جو چتاء ڏنو ويو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.