سوئي گئس:علي بحر واهه 10 ڏينهن کان بند هئڻ خلاف آبادگارن جو مظاهرو

سوئي گئس ڀرسان علي بحر واھ گذريل 10 ڏينهن کان بند هجڻ خلاف علائقي جي آبادگارن پاران حسين بخش ڪٻر , نويد احمد راڄپر، علي گلاب , علي گل ڪٻر, امتياز حسين لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،ان موقعي تي آبادگارن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آبپاشي عملدارن بنا جواز گذريل 10ڏينهن کان علي بحر واه کي بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري علي بحر واه مان نڪرندڙ شاخون لنڊي مائنر, ڪوٻري شاخ ۽ ٻيون بند هجڻ ڪري آبادگارن پاران پوکيل ووئڻن سميت ٻيا فصل پاڻي نه ملڻ ڪري سڪي رهيا آهن جنهن سان آبادگارن کي وڏو نقصان ٿيندو، هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته علي بحر واھ ۾ فوري طور تي پاڻي ڏئي فصلن کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.