ڪراچي: بلاول هائوس جي ميڊيا سيل ۾ باهه لڳي وئي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ بلاول هائوس جي ميڊيا سيل ۾ باهه لڳي وئي، جنهن تي ٻن ڪلاڪن جي جدوجهد کانپوءِ ضابطو آندو ويو.

ڪراچي جي علائق ڪلفٽن ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي رهائشگاهه بلاول هائوس جي ميڊيا سيل ۾ باهه لڳي.

فائر برگيڊ اختيارين موجب اطلاع تي شهر جي مختلف مرڪزن مان باهه وسائيندڙ عملو ۽ 6 فائر ٽينڊر باهه وسائڻ لاءِ پهچي ويا ۽ 2 ڪلاڪن جي جدوجهد کانپوءِ باهه تي ضابطو آندو ويو.

پوليس جي شروعاتي رپورٽ موجب باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي، جڏهن ته ان دوران ميڊيا سيل ۾ رکيل باهه وسائڻ وارا سئلينڊر به ڌماڪي سان ڦاٽي پيا.

فائر برگيڊ عملو پهچڻ کان اڳ عملي پنهنجي مدد پاڻ تحت به باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي، باهه سبب بلاول هائوس ميڊيا سيل جي ڪانفرنس هال، آرڪائيو هائوس، ميٽنگ روم ۽ اسٽور روم کي نقصان پهتو پر خوش قسمتي سان ڪو جاني نقصان نه ٿيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.