تشدد ڪري چيو ويو ته ڀڃ ڊاهه باسيو: امجد مهيسر

گلشن اقبال/ملير (نمائندا) جسقم هائوس تان گرفتار ٿيل اڳواڻن جي وڪيل محمد خان شيخ چيو ته ڪارڪنن تي بدترين تشدد ڪيو  ويو آهي سندن ڪپڙا ان شئي جا گواهه آهن ته رت جا نشان انهن مٿان لڳل آهن، جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ چيو ته پرامن ڌرتي ڌڻين کي ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي عدالت مان انصاف جي اميد آهي تمام جلد جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سميت سمورا قومي ڪارڪن آزاد ٿي ويندا جسقم جي مرڪزي وائيس چيئرمين امجد مهيسر چيو ته ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن جيان اسان کي شهيد بشير خان قريشي جي گهر تان گرفتار ڪري ٻن ڏينهن تائين اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌي نامعلوم جڳھ تي رکيو ويو هن چيو ته اسان مٿان تشدد ڪري چيو ويو ته اوهان هن ڳالھ کي تسليم ڪيو ته بحريه ٽائون اندر ڀڃ ڊاهه جا ذميوار توهان آهيو پر اسين پرامن هئاسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.