سکر ۾ ٻن ڏينهن کان پاڻي بند، شهري پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان، احتجاج

سکر(رپورٽ:اظهر علي دايو) سکر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، شهر جي پراڻو سکر، نئون پنڊ، مائيڪرو ڪالوني، ڀوسا لائين، نمائش روڊ،  قريشي روڊ، مليٽري روڊ، مياڻي روڊ، ايوب گيٽ سميت اڪثر علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند پيل آهي، شهر جي اڪثر علائقن ۾ ٻن ڏينهن کان پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند هجڻ سبب اڪثر شهري پاڻي جي ڳولها ۾ نظر اچي رهيا آهن، سکر ميونسپل انتظاميا ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي سبب سکر واسي پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان ٿي ويا آهن، اڪثر علائقن ۾ شهري پئسن عيوض پيئڻ جو پاڻي وٺي رهيا آهن، سکر ميونسپل ڪارپوريشن پاران شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ ناهن ورتا ويا، هوڏانهن شاهه خالد ڪالوني جي رهواسين پاران چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ فاروق احمد شيخ، قادر بخش ۽ٻين چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان شاهه خالد ڪالوني سميت سکر شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند پيل آهي، جنهن سبب سخت گرمي ۾ پري پري کان پيئڻ لاءِ پاڻي ڀري اچي رهيا آهيون، انتظاميا کي شڪايت ڪرڻ باوجود شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي کي يقيني نٿو بڻايو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، ٻي صورت ۾سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.