بجيٽ، اتحادي جماعتون ۽ چانهه پاڻي

تحرير: حاڪم نصيراڻي

ڏٺو وڃي ته اسان جو سڄو سماج چانهھ پاڻي جو هيراڪ آھي۔ هڪ عام پٽيوالي کان وٺي صاحب وڏي تائين سپاهي کان وٺي ڪپتان تائين ڪٿي نه ڪٿي چانهھ پاڻي وٺي ڪم سولا ڪيا ويندا آھن۔ ڇو ته چانھه پاڻي جي چمڪ  جا اثر تمام گهڻا پر اثر هوندا آھي۔ چانهھ پاڻي جي ڳالھه پاڻ اڳتي هلي ڪيون ٿا، هتي اوهان کي هڪ عجيب ڳالهھ ٻڌائيندو هلان ته ناڻي واري وزير شوڪت ترين صاحب جيڪو اڪنامي سروي پيش ڪيو تنهن سروي ۾ جتي هر شئي ۾ واڌارو ٿيو آهي اتي گڏهن مينهن ٻڪرين ۽ رڍن جي تعداد ۾ پڻ  اضافو ٿيو آھي۔ هاڻي ان واڌاري ۾ حڪومت جي بهتر حڪمت عملي آھي يا قدرت جو ڪمال ان ڳالهھ جو فيصلو اوهان پاڻ ڪيو۔ هڪ ٻي حيران ڪرڻ واري ڳالھه اها آھي ته اسان جي ملڪ ۾ بجلي گهڻي مقدار ۾ موجود آھي اها ڳالھه  ميڊيا رپورٽس مطابق وفاقي وزير حماداظھر ڪئي. سندن چوڻ آهي ته ملڪ ۾ بجلي وافر مقدار ۾ موجود آھي۔ اها بجلي ڪٿي آھي ان جي اسان کي خبر ناهي۔ اسان وٽ ته بجلي هڪ دفعي وڃي ٿي ته وري ورڻ لاءِ ڪيترائي ڪلاڪ سندن راھ ڏانهن واجهائيندا رهون ٿا۔ هاڻي ائين ئي وزيرن جي بهترين ڳالهين وسيلي باور نه ٿو ٿئي ته هي بجيٽ غريب لاءِ آھي۔بجيٽ جا انگ اکر صرف ڪاغذن ۾ وزير صاحب جي تقرير ۽ حڪومتي ميمبرن جي لفظن ۾ واه واه جي لڳندي آھي۔ هر بجيٽ ۾ ڳالهيون بظاهر عوام جي ڀلائي جي داعويٰ هوندي آهي جون ڪبيون آهن پر حقيقت جي خبر تڏهن پوندي آھي جڏهن ما ڻهو گهر لاءِ سبزي گيھه دال چانور خريد ڪرڻ لاءِ بازار جو رخ ڪندو آھي. ناڻي جي وزير جون ڳالهيون ٻڌي آٿت ملي ته هاڻوڪي بجيٽ عوام دوست آھي (جڏهن ته عوام دوست وارو لفظ ھميشه کان ٻڌندا پيا اچون. حقيقت ۾ بجيٽ غريب دوست هوندي ئي ناهي) هاڻي اها بجيٽ ڪيئن عوام دوست آھي اها خبر ته بعد ۾ پوندي جڏهن بازارن جو رخ ڪنداسين۔

هاڻي اچون ٿا پاڻ پنهنجي اصل موضوع طرف يعني چانھه پاڻي ڏانهن۔ جي بلڪل بجيٽ اچڻ سان مون جهڙو عام غريب ماڻھو ته پريشان ٿيندو آھي پر اتي حڪومتي ميمبر توڙي حڪومت جا اتحادي تمام گھڻا خوش ٿيندا آھن ڇو ته اهو ئي وقت هوندو آهي جڏهن سندن ڳالھه وڏي غور سان ٻڌي ۽ مڃين ويندي آھي ۽ کين وزيراعظم صاحب وٽ يا ٻين سگهارين ڌرين وٽ کين چانھه پاڻي پياري کين خوش ڪيو ويندو آھي۔ حڪومتي ميمبرن کان وڌيڪ اتحادي پارٽيون ضرورت واري ڏينهن ۾ وڌيڪ نخرا ڪرڻ لڳنديون آھن۔ اڄ ڪلھه عمران خان لاءِ جتي جهانگير ترين جو گروپ مٿي جو سور بڻيل آھي اتي اتحادين جون فرمائشون به پريشاني جو سبب آھن۔ ق ليگ جهڙي ٿڌي مٺي اتحادي جون آھستهي آھسته ظاهر ٿيندڙ فرمائشون مڇي جي ڪنڊي جيئان حڪومت جي نڙي ۾ ڦاٿل آھن.

حڪومت جيڪڏهن سندن فرمائشون پوريون نه ٿي ڪري ته مرڪزي حڪومت سان گڏ پنجاب حڪومت کي بجيٽ پاس ڪرائڻ  لاء تمام وڏا مسئلا درپيش ٿي سگهن ٿا۔ ان سلسلي ۾ پنجاب جي گورنرچوڌري  سرور کي خاص هدايتون ڏنيون ويون آھن ته پنجاب جي اتحادين ۽ ناراض ميمبرن جا خدشا ختم ڪري کين يقين ڏياريو وڃي ته اڳيتي اهڙيون ڪوتاهيون نه ٿينديون۔ وزيراعظم سڀني ميمبرن کي پنهنجي ديدار جو شرف بخشيندو رهندو ۽ چانھه پاڻي جو دور به هلندو رهندو۔

حڪومت جي هڪ ٻي اتحادي نفيس ماڻھن جي پارٽي ايم ڪيو ايم کان ته سڀ واقف آھن۔ جنهن به حڪومت جي اتحادي ايم ڪيو ايم جهڙي پارٽي هجي ان کي ڪنهن سگهاري مخالف ڌر جي ضرورت ئي ناهي۔ ايم ڪيو ايم وارا ته يو ٽرن ۾ عمران خان کان به گوءِ کنيو بيٺا آھن۔ هر حڪومت کي جڏهن سندن اشد ضرورت محسوس ٿي ته هنن پنهنجي خواهشن جي وڏي فهرست تيار ڪري وقت جي حڪمرانن جي  حوالي ڪري ڇڏي ۔ هن حڪومت سان به ساڳي لقاءَ ڪيون ويٺا آھن هاڻي هنن حڪومت کي پنهنجي خواهشن جي هڪ فهرست ٺاهي پنو حڪومت جي حوالي ڪيو آھي ان فهرست ۾ هڪ وزارت اسٽيڊنگ ڪاميٽيز جي اڳواڻي ۽ ترقياتي فنڊ جي نالي تي چانھه پاڻي( سياسي رشوت) جي گهر ڪئي وئي آھي۔

هي اهي ڌريون آھن جيڪي ظاهري طور حڪومت کان گهر ڪري پنهنجي ضرورتن جو ذڪر ڪن ٿا پر اسان جا پاڙيسري ملڪ به غربت وڌائڻ ۽ مهانگائي ڪرڻ ۾  وسان ڪين گهٽائيندا آھن۔ هر سال جڏهن به اسان جي بجيٽ ويجهي ايندي آھي سرحدن تي فائرنگ ڪرڻ فوجي چرپر ۾ واڌارو ڪرڻ جهڙا واقعا ٿيندا رهن ٿا، ويجهڙ بلوچستان ۾ دهشتگرد حملن ۾ واڌارو ٿيڻ ۽ ڪشمير ۾ هند ستاني فوج جي غيرمعمولي چرپر به اسان جي بجيٽ تي اثر انداز ٿيندي، اهڙي ريت دفاعي بجيٽ ۾ واڌارو ڪري دفاعي جوانن جي چانھه پاڻي ۾ اضافو ڪيو ويندو آھي۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.