سرڪاري ملازمن جا مسئلا اوليتي بنياد تي حل ڪريو

ايڊيٽوريل

پيپلز پارٽيءَ گذريل ٻن ڏهاڪن کان لاڳيتو سنڌ تي حڪمران رهي آهي، ان کان اڳ به پيپلز پارٽي اتحاديت سميت حڪومت ۾ رهي آهي، پر خاص ڪري هن ٻن دورن ۾ اها ڳالهه انتهائي شدت سان ڏسڻ ۾ پئي ايندي آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت  ۽ سنڌ حڪومت جا ملازم پوءِ کڻي ڪهڙي به شعبي جي هجن، تعليم جا هجن، صحت جا هجن، آبپاشي جا هجن هميشه هڪ ٻئي جي مخالف هوندا آهن، ۽ هميشه پريس ڪلب ۽ وزيراعلى هائوس جي ٻاهران احتجاج ۾ هوندا آهن، ان کان سواءِ به سماج جا ڪيترائي حلقا پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت جي خلاف احتجاج ۾ مصروف هوندا آهن، گذريل ڏينهن به سنڌ گورنمينٽ  ايمپلائيز گرينڊ الائنس (سگيگا) جي سڏ تي استادن سميت سرڪاري ملازمن جي 26 تنظيمن جي هزارين ملازمن (سگيگا) جي چيئرمين حاجي اشرف خاصخيلي، وائيس چيئرمين انتظار ڇلگري،محمد عيسيٰ سنگراسي،اعجاز اعواڻ،عبدالقيوم ڀٽي، اقبال لاڙڪ،، قلندر ڏنو  شر، سيڪريٽري اشرف بوزئي، پروفيسر يعقوب چانڊيو، اڪرم راجپوت، سيد سردار شاھه، محمد ساجن پنھور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو گڏ ٿي سي ايم هائوس تائين مارچ ڪري ڌرڻو ڏنو ويو. ان موقعي تي ملازمن پگهارن ۾ واڌ، الائونس ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا تائين اٿڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

اسان جي لاءِ اها ڳالهه انتهائي حيرت ۽ افسوس جي آهي ته سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن ۾ ڪم ڪندڙ 26- تنظيمن جي هزارين ڪارڪنن گڏجي ڪري احتجاج ڪيو ۽ اچي سنڌ جي وڏي وزير جي آفيس آڏو ڌرڻو ڏنو، اسان اڳ به ڏسندا رهيا آهيون ته سنڌ جا استاد، ڪلارڪ ۽ ٻين شعبن جا ملازم احتجاج ڪندا رهيا آهن ته انهن تي سرڪار پارن پرتشدد ڪارروايون ڪرايون وينديون آهن، ايتري قدر جو انهن احتجاج ڪندڙ سرڪاري ملازمن تي واٽر ڪينن ذريعي گندي پاڻيءَ سان حملو ڪرائي انهن کي زخمي پڻ ڪيو ويندو آهي، هن پيري به سنڌ پوليس جي اهلڪارن انهن احتجاج ڪندڙن تي لاٺي چارج سميت انهن کي ڊوڙائڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي پر ( سيگاگ) جي قيادت جي ان عزم ته مسئلن جي حل ۽ مطالبن جي مڃتا تائين چيف منسٽر هائوس اڳيان نه هٽبو سرڪار کي منجهائي وڌو ۽ نتيجي ۾ سنڌ حڪومت استادن سميت سمورن سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ سميت سمورا مطالبا منظور ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي مسئلن جي حل لاءِ ايڊيشنل چيف  سيڪريٽري جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.

اسان اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون ته سرڪار کي پنهنجا فيصلا ڪرڻ جو مڪمل اختيار آهي، ان ۾ سرڪار کي ڪنهن جي به راءِ جي ضرورت نه آهي، پر مسئلو رڳو اهو آهي ته سرڪار کي جن مسئلن تي فيصلا اڄ ڪرڻا آهن، انهن مسئلن کي اينگهائي سوين، هزارين ملازمن کي جلسن جلوسن ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري انهن جو توانايون ۽ پئسا ضايع ڪرائڻ، انهن تي پوليس هٿان پرتشدد ڪارروايون ڪرائڻ، انهن تي واٽر ڪينن سان گندي پاڻيءَ جو وسڪارو ڪرائڻ جو ڪهڙو مقصد آهي، جڏهن ته سرڪار جي اهڙي ڪوششن سان نه رڳو ملازم انتهائي اذيت واري دور مان گذرن ٿا پر ان سان گڏوگڏ جيڪو سرڪاري ڪمن جو نقصان ٿئي ٿو ان جو ته ازالو ئي ڪرڻ ممڪن نه آهي.

اسان سرڪار جي نامدارن کان رڳو هڪڙي ڳالهه پڇڻ جي جسارت ڪرڻ چاهيون ٿا ته اوهان پنهنجي ئي سرڪار جي ملازم جو مورال ڪيرائي، انهن جي تذليل ۽ توهين ڪري آخر ڪار حاصل ڇا  ٿا ڪرڻ گهرو، اوهان جيڪڏهن ملازمن جي مسئلا بلڪل به ناجائز سمجهو ٿا ته انهن کي فوري طور تي رد ڪري ڇڏيو ۽ انهن جي خلاف سخت کان سخت تاديبي، کاتيوار ۽ قانوني ڪارروائي ڪريو، جي انهن جا مسئلا ۽ مطالبا جائز ٿا سمجهو ته انهن کي مڃڻ ۾ دير ڇو ٿا ڪريو؟.

اسان اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون ته جيڪا سرڪار پنهنجن ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿئي ٿي يا حل نه ٿي سگهي ته اهو سمجهڻ اڻ ٽر آهي ته ان سرڪار جو ڪاروهنوار ڪنهن به طور تي درست نه هلندو هوندو نتيجي ۾ سرڪار ڪنهن به طور تي ان جي اهل نه هوندي ته عوام کي پنهنجن کاتن جي ذريعي ڪجهه ” ڊليور“ ڪري سگهي. دنيا جي سڌريل ملڪن جون حڪومتون ۽ قيادتون ڪڏهن به پنهنجن ملازمن سان سامهون نه ٿينديون آهن ۽ ڪڏهن به اهڙي ڪا صورتحال پيدا ٿيڻ نه ڏينديون آهن جو ان ئي سرڪار جا ملازم ان جي ئي خلاف احتجاج ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ هجن. دنيا جي ترقي يافته ۽ سڌريل ملڪن جي قيادتن کي اها ڳالهه سمجهي ورتي آهي ته ملازمن جا مئسلا اولين طور تي حل ڪبا ته بعد ۾ ئي اسان بهتر حڪومت ڪري سگهنداسين، ڇو جو حڪومت ڪهڙي به پارٽيءَ جي هُجي، حڪمران ڪهڙا به هجن اهي عوام کي جيڪو ڪجهه ” ڊليور“ ڪرڻ چاهيندا اهي سرڪار جي وزارتن ۽ کاتن جي ذريعي ئي ڪري سگهندا ۽ اهڙيون سموريون سرگرميون اهي ملازم ئي ڪري سگهندا.

اسان سنڌ سرڪار کي اها ئي گذارش ڪنداسين ته مهرباني ڪري جن کاتن جي ميرن جا مسئلا اڃان حل ٿي نه سگهيا آهن ۽ انهن جي مسئلن جا فائل اوهان جي مزين تي پيل آهن ته مهرباني ڪري انهن کي پهرين فرصت ۾ حل ڪريو ته جيئن سرڪار جا ڪارندا ذهني سڪون سان سرڪار جا ڪم ڪار ڪري سگهن ۽ اوهان جي ” گڊ گورننس“ عوام تائين پهچي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.