گجي ويجهو رڪشا نالي ۾ ڪلٽي، 5 ڀاتي ٻڏي ويا،ڪنوار سميت ٻن جا لاش هٿ

ٺٽو/ گجو(رپورٽ : منصور جلالاڻي+ حبيب الله ميمڻ) گجي  ويجهو درگاھ جي زيارت لاءِ ويندڙ باگڙي برادريء جي ماڻهن جو چنگچي رڪشا تيز ھوا سبب ڪي ڊي اي نالي ۾ ڪري پوڻ جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا ٻڏي ويا، 8  ڄڻن کي بچايو ويو،  گجي ڀرسان ھاليجي ڍنڍ ۽ ڳوٺ جمعون ميربحر ڀرسان باگڙي برادري جي ماڻهن جو چنگچي رڪشا تيز ھوائن سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري  ڪراچي کي پيئڻ جو پاڻي سپلاءِ ڪندڙ  ڪي ڊي اي نالي ۾ ڪري پيو،جنهن جي نتيجي ۾ رڪشا ۾ سوار 13 ڄڻا ٻڏي ويا،  عورتن  ۽ مردن جي رڙين تي ڀرپاسي ۾ موجود ڳوٺاڻن بروقت ڪوشش ڪندي 8 ڄڻن کي ڪڍي کين بچائي ورتو،  جڏهن ته ڪنوار سندس ڀيڻ ۽ ڀاء سوڌو ھڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا ٻڏي ويا، ٻڏي ويلن ۾ 18 ورهين جي ڪنوار پوڄا ڌيء سيتا رام سندس 8 سالن جو ڀاءُ  رامون ۽ سندس ڀيڻ 4 ورهين جي حنا،  سوٽ 12 ورهين جي ليلا ڌيء روي داس ۽ رڪشا ڊرائيور 55 ورهين جو دينو پٽ رانجھو باگڙي شامل آهن،  وڏي انگ ۾ ڳوٺاڻا پھچي ويا، بعد ۾ اطلاع تي ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو عثمان تنوير ۽ ٻي انتظاميا واقعي واري ھنڌ پھچي وئي، ڪجهه ڪلاڪن جي ڳولا بعد مقامي ٽوٻن ڪنوار پوڄا ۽ ڊرائيور دينو جو لاش ھٿ ڪري ورتو، جن کي سول اسپتال مڪلي موڪليو ويو، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارث کڻائي ويا،   جڏهن ته باقي لاشن جي ڳولا جاري آهي،  لاشن جي ڳولا لاءِ مقامي ٽوٻن سان گڏ پاڪ نيوي جا ٽوٻا پڻ رڌل آهن، ٻڌايو وڃي ٿو ته  منزل پمپ ڪراچي جا رھواسي باگڙي برادريءَ جا ماڻهو ھاليجي لڳ درگاھ مخدوم عيسيٰ تي باسيل باس جي سلسلي ۾ وڃي رھيا ھئا ته واقعو پيش آيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.