اسلام ڪوٽ: قومي ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي

قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراه اياز لطيف پليجو ۽ ٻين پارٽي جي اڳواڻن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ،بحريا ٽائون ۽ ٿرڪول ۾ مقامي ماڻهن جي حقن تي ڌاڙن خلاف اسلام ڪوٽ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي، قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر وڪيل شاهنواز هنگورجو،سبحان بجير،پرشوتم پرمار،قادر هنگورجو،گلشن ميگهواڙ،اسلم هنگورجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنت نيڻورام آشرم چوڪ کان ريلي ڪڍي شهر اندر مين بازار ۾ ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويو،جتي ريلي کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر شاهنواز هنگورجو چيو ته سنڌ حڪومت ۽ زرداري مافيا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سنڌ جي آواز کي دٻائي نٿو سگهي،سنڌ جي قيادت تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي،بحرياٽائون غيرقانوني ۽ غير آئيني آهي،سنڌين کي ڪراچي ۾ بي دخل ڪيو پيو وڃي، سنڌ جو عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي،پي پي جي نااهل حڪمرانن جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن،قومي عوامي تحريڪ سنڌ جي وسيلن جي مالڪي ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.