بحريا ٽائون ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ جلال محمود شاهه ۽ ٻين جي ضمانت منظور

 

حيدرآباد (ويب ڊيسيڪ) عدالت بحريا ٽائون ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر جلال محمود شاهه سميت ٻين جي ضمانت منظور ڪري ورتي.

سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد 25-25 هزار رپين جي مچلڪن عيوض سيد جلال محمود شاهه، سيد زين شاھه، ايڊووڪيٽ سجاد چانڊيو، اسلم خيرپوري جي حفاظتي ضمانت 10 ڏينهن لاءِ ڪئي.

سيد جلال محمود شاهه، سيد زين شاهه، ايڊووڪيٽ سجاد چانڊيو، اسلم خيرپوري جي 3 دهشتگردي جي ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت منظور ڪئي وئي.

عدالت سنڌ عوامي فورم جي اڳواڻ جان محمد جوڻيجي جي به هڪ ڪيس ۾ 25 هزار جي مچلڪن عيوض 10 ڏيهن لاءِ ضمانت منظور ڪري ورتي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.