ڏيپلو شهر جي اسپيلنگ تبديل ڪرائڻ تي ڊي سي خلاف احتجاجي مظاهرو

ڊي سي ٿرپارڪر پاران ڏيپلو شھر جي اسپيلنگ تبديل ڪرڻ خلاف شھري اتحاد۔جميعت علماء اسلام۔ عوامي تحريڪ۔ پي ٽي آء۔ ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن پاران پريس ڪلب کان بدين اسٽاپ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو ، ان موقعي تي اڳواڻن سينئر صحافي عبدالرحمن اوٺو محمد خان لنڊ۔ اوڀايو جوڻيجو۔ بلاول بجير۔۔فارق اعظم مريداڻي۔عمران باغي۔ڊولو متواڻي۔مولوي عباس ڪلر ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو يپلو جو سوين سالن کان diplo جي اسپيلنگ سان جيڪو نالو لکيو پيو وڃي ان کي ڊي سي پاران تبديل ڪري deeplo لکڻ جو جيڪو ليٽر ڪڍيو ويو  انکي رد ڪيون ٿا، هنن چيو ته اهي ڊي سي ٿرپارڪر کي اھو ٻڌائڻ چاھين ٿا ته سومر تائين جيڪڏهن اھو ليٽر واپس نه ورتو ويو ته ڊي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.