بحريا آڏو احتجاج،جسقم چيئرمين ۽ قومي ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف احتجاج

بحريا ٽائون انتظاميا خلاف احتجاج ڪرڻ تي جسقم چيئرمين صنعان قريشي سميت قومي ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف اڄ به مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ،

ٽنڊو غلام حيدر ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ گلزار مگسي،لال بخش لغاري،منظور مگسي،احمد خان لغاري،شڪيل احمد مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو ، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سنڌ تي قبضو ڪرڻ جهڙي منصوبن خلاف پرامن احتجاج ڪرڻ تي صنعان خان قريشي سميت قومي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو ،سنڌي وسندين تي جبر ۽ ڏاڍ ذريعي دهشت پکيڙي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش وارو عمل انتهائي ڪريل آهي، ڪشمور ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ارسلاح بھلڪاڻي،  فداحسين محمداڻي، ايس ٽي پي ڪشمور جي صدر رفيق احمد چنا، غفور لاشاري ۽ جنرل سيڪريٽري زبير احمد ڪلوڙ، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي اڳواڻن چيو ته 6 جون تي سنڌ جي شعور بحريا ٽائون آڏو گڏ ٿي پنهنجو عوامي ريفرينڊم ڏنو تنھن تان بحريا انتظاميا مڇرجي پنهنجي ملڪيتن کي باھيون ڏياري پرامن سنڌ جي ماڻهن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري انهن کي گرفتاري ڪرائي تشدد جو نشانو بڻايو جنهن جي سخت مذمت ڪجي ٿي.  اڳواڻن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ وزيراعظم عمران خان ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته قومي اڳواڻن اياز لطيف پليجو، جلال محمود شاهه ،قادر مگسي، صنعان قريشي ۽ ٻين مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري ،صنعان قريشي سميت قومي ڪارڪنن کي فوري آزاد ڪيو وڃي  ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.