معيشت بحال ٿي رهي آهي، بجيٽ ۾ غريب ترجيح هوندو: شوڪت ترين

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي بابت وفاقي وزير شوڪت ترين اقتصادي سروي 2020-21 جاري ڪري ڇڏي ۽ چيو ته معيشت ريڪور ٿي رهي آهي، هاڻ اسان استحڪام ڏانهن وڌي رهيا آهيون.

پري بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي شوڪت ترين چيو ته هن سال فيبروري ۾ ڪورونا وري ڪَر کنيو ۽ الله جو شڪر آ ته هاڻ وبا ڪنٽرول ۾ آهي، ڪورونا سبب معاشي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو پر معيشت هاڻ ريڪور ٿي رهي آهي، ناڻي جي پهچ ثابت ڪري ٿي ته اوورسيز جو عمران خان سان واسطو آهي، ناڻي جي پهچ 29 سيڪڙو کان گروٿ ڪري رهي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ اسان جو سرپلس هلي رهيو آهي، ناڻي جي مٽاسٽا جا ذخيرا جيڪي 2018 ۾ 7 ارب ڊالر هئا، هاڻ 16 ارب ڊالرن تائين آهن.

هن چيو ته ايف بي آر جون ٽيڪس وصوليون بهتر هلي رهيون آهن ۽ ٽيڪس وصوليون گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 11 سيڪڙو کان وڌيڪ آهن، ٽي چار مهينن کان ماهوار گروٿ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، صنعتن ۾ 26 سيڪڙو گروٿ آئي آهي، اسان مهانگائي گهٽائڻ لاءِ پيداوار وڌائڻ چاهيون ٿا، زراعت ۾ پيداوار کي وڌائينداسين، هاڻ اسان کي پنهنجو انفرا اسٽرڪچر به ٺيڪ ڪرڻو پوندو، زراعت تي زور ڏيڻو پوندو ۽ ڪوشش ڪنداسين ته برآمدون وڌن.

سندس چوڻ هو ته اسان بجيٽ 5.7 ٽريلين جي رکي آهي، 1.7 ٽريلين قرض وڌيو آهي، گذريل سال 3.7 ٽريلين قرض وڌيو، جيڪو هن سال ان جو اڌ آهي، وياج جي شرح 13.2 مان گهٽائي 7 سيڪڙو تائين آندي وئي، اسان گروٿ کي 5، 6، 7 سيڪڙو تائين کڻي وينداسين، نوجوانن کي روزگار ڏيارڻ لاءِ گروٿ آڻينداسين، اسان 4 سيڪڙو اوسر جي شرح تي آهيون، اها 7 کان 8 سيڪڙو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، پائيدار اوسر شرح جي ڊگهي استحڪام لاءِ قدم کڻنداسين.

شوڪت ترين چيو ته هن ڀيري بجيٽ ۾ غريب ماڻهو تي ڌيان ڏنو ويو آهي، اسان کي غريب جي زندگي سولي ڪرڻي آهي، ان جا خواب پورا ڪرڻا آهن ۽ هن بجيٽ ۾ اسان لاءِ غريب پهرين ترجيح هوندو، آءِ ٽي 50 سيڪڙو گروٿ ڪري رهي آهي، ان کي 100 سيڪڙو تائين وٺي وينداسين، روايتي شين سان گڏوگڏ ٻين شين جي برآمد به وڌائينداسين، اسان کي برآمدن سان ۽ سڌي ريت سيڙپڪاري ڪرڻي آهي، اڳڪٿي نٿو ڪري سگهان گري لسٽ مان وائيٽ ۾ اچي وينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.