”لوڊشيڊنگ سبب اسڪولي ٻار بيهوش ٿيڻ افسوسناڪ آهي“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ٽرين حادثو هجي يا سخت گرمي ۾ لوڊشيڊنگ، حڪومت پنهنجي نااهلي جو ملبو ٻين تي وجهڻ ۾ ماهر آهي.

ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته انهن جي ليکي اهڙين حرڪتن سان قوم کي بي وقوف بڻائيندا، سسٽم ۾ واڌو بجلي هجڻ باوجود لوڊشيڊنگ نااهلي جي انتها آهي، عوام گرمي ۾ سڙي رهيو آهي، اسڪولي ٻار بيهوش ٿي رهيا آهن، اها صورتحال افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي.

هن چيو ته انهن کي لائن لاسز ۾ گهٽتائي وارو پاڪستان مليو پر ان کي برقرار نه رکي سگهيا، کين 93 سيڪڙو بجلي بل وصول ڪندڙ پاڪستان مليو پر موجوده حڪومت ان کي 82 سيڪڙو تي پهچائي ڇڏيو، اهي ڊيزل تي مهانگي بجلي ٺاهي عوام بدران اي ٽي ايمز کي رليف ڏيندا رهيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.