بدين بچايو تحريڪ پاران پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ سول سوسائٽي پاران ريليون

بدين بچايو تحريڪ پاران پاڻي کوٽ خلاف مختلف شهرن کان وڏي تعداد ۾ آبادگارن ھارين سول سوسائٽي پاران ريليون ڪڍي ايوان صحافت بدين اڳيان ڌرڻو هنيو ويو ڌرڻي ۾ شريڪ آبادگارن خليل احمد ڀرڳڙي. عزيز ﷲ ڏيرو. مير نور محمد ٽالپر. ڊاڪٽر شاھنواز دل  امير آزاد پنھور ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڦليلي ڪئنال ۽ اڪرم واھ ۾ ملندڙ پاڻي روڪي بدين کي برباد ڪيو ويو، پاڻي جي چوري ۾ ملوث بااثر ماڻهن خلاف ڪابه ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي جنهن ڪري بدين ضلعي ۾ اڃان تائين سارين جو ٻيجارو پوکجي نه سگهيو آهي ۽ زراعت مڪمل ختم ٿي وئي آهي ، ماڻهو توڙي جانور پکي اڃ مري رھيا آھن پر وفاقي حڪومت توڙي سنڌ پاڻي جهڙي اھم مسئلي حل ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهن جنهن ڪري اڄ بدين ضلعي جي مختلف شهرن مان لانگ مارچ ريليون ڪڍي 14 تاريخ تي حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.