نيپرا ملڪ ۾ بجلي بحران جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، سڀني ڪمپنين جا سربراهه طلب

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ملڪ ۾ بجلي بحران ۽ واڌو لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺندي بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين کان وضاحت طلب ڪري ورتي.

نيپرا پڌرائيءَ موجب سموريون بجلي ورهائيندڙ ڪمپنيون واهپيدارن کي بنا وقفي بجلي فراهم ڪرڻ جون پابند آهن، ڪي اليڪٽرڪ سميت بجلي ورهائيندڙ سڀني ڪمپنين جي سي اي اوز کي جمعي تي طلب ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن توانائي واري وزارت چيو آهي ته ملڪ ۾ بجلي جو عارضي شارٽ فال تربيلا مان گهٽ پاڻي خارج ٿيڻ سبب آهي، پاڻي گهٽ خارج ٿيڻ سبب 3 هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي پر ايندڙ ڏينهن ۾ بجلي جي پيداوار وڌي ويندي.

وزارت موجب ملڪ جي مجموعي بجلي گهرج 24100 ميگا واٽ ۽ سسٽم ۾ موجود بجلي جي پيداوار 22600 ميگا واٽ آهي، تنهن ڪري بجلي جو شارٽ فال 1500 ميگا واٽ آهي.

توانائي واري وزارت واهپيدارن کان معذرت ڪندي چيو آهي ته تربيلا، منگلا مان 3300 ميگا واٽ گهٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، ڪجهه ڏينهن ۾ اها بجلي بحال ٿي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.