سنڌ کي نظرانداز ڪيو ويو، هاڻ اهڙو ورتاءُ برداشت نه ڪنداسين: مراد علي شاهه

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته بجيٽ ۾ سنڌ کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، صوبي سان اهڙو ورتاءُ برداشت نه ڪنداسين ۽ مزاحمت ڪئي ويندي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت گهٽ ووٽ ملڻ تي سنڌ جي عوام کان پلاند وٺي رهي آهي، عوام جو حق گهرڻ تي اسان تي الزام هنيا ويندا آهن يا ڪيس ٺاهيا ويندا آهن.

هن چيو ته وفاقي حڪومت نئين بجيٽ ۾ سنڌ کي مڪمل طور نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي پراجيڪٽ جي نالي تي هڪ پئسو نه رکيو ويو، وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ هڪ وزير اعتراف ڪيو ته يوسي پراجيڪٽن تي پئسا نه رکڻ تي اسيمبلي ميمبر ڪاوڙبا آهن، ٻه پاڪستان نه ٺاهيو، سنڌ سان اهڙو ورتاءُ وڌيڪ برداشت نه ڪنداسين ۽ مزاحمت ڪنداسين، خرچ توهان ڪيو پر اسان سان صلاح ته ڪيو، اسان جون ترجيحون به ڏسو، ايسٽ انڊيا ڪمپني نه ٺاهيو.

سندس چوڻ هو ته اين ايڇ اي ۽ نه فنانس ۾ سنڌ لاءِ ڪا اسڪيم آهي، نالن ۽ درياهن جي اسڪيمن لاءِ ڪو پئسو نه رکيو ويو، چيو ويو ته 90 ارب رپيا سنڌ کي ڏنا ويا، اها ڳالهه ثابت ڪري ڏيکاريو، ٽي وي تي چئي ڇڏڻ سان ڪجهه ناهي ٿيندو، اسان جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.