سنڌ ۾ پرامن احتجاج جو اعلان، بجيٽ اجلاس دوران اسيمبلي جي گهيرو ڪنداسين: قادر مگسي

 

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته بحريا ٽائون اندر باهه واقعو پرامن احتجاج کي نقصان پهچائڻ جي سازش هئي، جنهن ۾ بحريا ٽائون جا پلانٽيڊ پنهنجا ماڻهو ملوث هئا، سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس به ان سازش ۾ ملوث آهي، داخل ڪيس ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلايو يا وري اچي گرفتار ڪيو.

ترقي پسند هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي قومپرست جماعتن جو اتحاد آهي، سنڌ جي مجموعي مسئلن تي جدوجهد ڪري رهيا آهيون، 6 جون وارو ڌرڻو للڪار بڻجي ويو، اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي مقرر هوندي شرپسند اندر داخل ڪيئن ٿيا؟

سندس چوڻ هو ته اسان جسقم جي هڙتال جي سڏ جي اخلاقي حمايت ڪيون ٿا، صنعان خان قريشي ۽ گرفتار ڪيل سمورن بي گناهه ماڻهن کي آزاد ڪري داخل ڪيس ختم ڪيا وڃن.

هن اعلان ڪيو ته سڀاڻي 9 جون تي سڄي سنڌ ۾ پرامن احتجاجي مظاهرا ٿيندا، جڏهن ته هر صورت ۾ ايندڙ بجيٽ اجلاس دوران سنڌ اسيمبلي جو گهيرو ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.