اسان جي حڪومت ۾ عوام کي اٽو، لٽو، اجهو ۽ روزگار ملندو: بلاول ڀٽو زرداري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ اقتدار ۾ ايندي ته عوام کي اٽو، لٽو، اجهو ۽ روزگار ملندو.

پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ وفاقي حڪومت ۾ هوندي 5 ماڻهن جي عام گهراڻي جي مهيني ۾ اٽي جي ضرورت هڪ هزار 975 رپين ۾ پوري ٿي ويندي هئي، اڄ عمران خان جي حڪومت ۾ 5 اها ضرورت ساڍن ٽن هزارن ۾ پوري ٿي رهي آهي، پ پ جي دور ۾ عام گهراڻو ٻارن جا ڪپڙا 6 سئو رپين ۾ ۽ اڄ 6 هزار رپين ۾ خريد ڪري رهيو آهي، عام ماڻهو گهر جي مسواڙ ساڍا 3 هزار رپيا ۽ اڄ 22 هزار رپيا ڀري رهيو آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن عالمي اقتصادي بحران سبب پ پ جي دور ۾ مهانگائي ٿي ته ان اعتبار سان اسان 59 سيڪڙو تائين عام ماڻهو جي آمدني ۾ به واڌ ڪئي، اٽي، لٽي، اجهي ۽ روزگار جي واعدي کي پ پ پنهنجي هر دور ۾ نڀايو آهي، پ پ جون معاشي پاليسيون ئي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃي سگهن ٿيون، پ پ اقتدار ۾ ايندي ته عوام کي اٽو، لٽو، اجهو ۽ روزگار ملندو، ايندڙ حڪومت ٺاهي عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.