ٽوئيٽر جي پهرين سبسڪرپشن سروس متعارف

سان فرانسڪ(ويب ڊيسڪ) مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر پنهنجي پهرين سبسڪرپشن سروس متعارف ڪرائي ڇڏي.

ميڊيا رپورٽن موجب ٽوئيٽر جي پهرين سبسڪرپشن سورس کي ”بليو“ جو نالو ڏنو ويو آهي جڏهن ته نون فيچرز کي شروعاتي طور تي ڪينيڊا ۽ آسٽريليا ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.

هي فيچر واهپيدارن کي ٽوئيٽ ڪرڻ کان اڳ ٽوئيٽ ۾ ترميم ڪرڻ سان گڏوگڏ ايپ جي ڪلر ٿيم به تبديل ڪرڻ جي اجازت ڏيندو.

ٽوئيٽر بليو اصل ۾ سوشل ميڊيا ڪمپني جي پهرين سبسڪرپشن سروس آهي جيڪا ٽوئيٽر جي پليٽ فارم تي روينيو جا نوان ذريعا حاصل ڪرڻ ۽ اشتهارن جي وڪري کي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪندي.

نئين فيچر ۾ نوان بڪ مارڪ فولڊر به شامل ڪيا ويا آهن جنهن جي تحت واهپيدار ٽوئيٽ کي وڌيڪ منظم ڪري سگهندا جيئن انهن کي وقت تي سولائي سان ڳولهي سگهن.

ٽوئيٽر بليو ۾ ريڊر موڊ به شامل ڪيو ويو آهي جنهن جي تحت مختلف ۽ طويل ٽوئيٽس کي پڙهڻ ۾ آساني ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.