انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز دوري لاءِ قومي ٽيم جي اعلان بابت اهم خبر

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي دوري لاءِ قومي ٽيم جو اعلان هلندڙ هفتي جي آخر ۾ ڪيو ويندو.

پاڪستان کي جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ انگلينڊ خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز، جڏهن ته ويسٽ انڊيز خلاف ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽيسٽ سيريز کيڏڻي آهي.

انهن دورن لاءِ قومي ٽيم جو اعلان هلندڙ هفتي جي آخر ۾ ڪيو ويندو، پاڪستان اسڪواڊ جو پهريون حصو 23 جون تي ڪمرشل فلائٽ ذريعي مانچسٽر روانو ٿيندو.

پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ 8 جولاءِ، ٻي ميچ 10 جولاءِ، جڏهن ته ٽين ۽ آخري ون ڊي ميچ 13 جولاءِ تي کيڏي ويندي، جنهن کانپوءِ ٽي ٽوئنٽي ميچون 16 جولاءِ، 18 جولاءِ ۽ 20 جولاءِ تي کيڏيون وينديون.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز دوري جي شروعات 27 جولاءِ کان پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ سان ڪندي، ٻنهي ٽيمن ۾ ٻي ٽوئنٽي ميچ 28 جولاءِ، ٽين ميچ 31 جولاءِ، چوٿين ميچ پهرين آگسٽ، جڏهن ته پنجين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ 3 آگسٽ تي کيڏي ويندي.

پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ پهرين ٽيسٽ 12 آگسٽ، جڏهن ته ٻي ٽيسٽ ميچ 20 آگسٽ کان شروع ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.