پاڪستاني عوام جي سلامتي ۽ تحفظ اسان جي پهرين ذميواري آهي: آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستان جي عوام جي سلامتي ۽ تحفظ اسان جي ذميواري آهي، فوجي جي حيثيت سان اسان مادر وطن جو دفاع ڪرڻ تي فخر محسوس ڪيون ٿا.

 پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه لائن آف ڪنٽرول جو دورو ڪيو ۽ ايل او سي تي مقرر جوانن سان گڏ عيد جي نماز ادا ڪئي، جڏهن ته پاڪستان جي امن ۽ خوشحالي لاءِ به دعائون ڪيون.

پاڪ فوج جي سربراهه فوجي جوانن جي حوصلي، جذبي ۽ آپريشنل تيارين کي ساراهيو ۽ ڪورونا جي خاتمي لاءِ سول انتظاميا کان فارميشن جي سهڪار جي تعريف ڪندي ڪورونا کان بچاءِ لاءِ هر ممڪن احتياط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

آرمي چيف جو چوڻ هو ته عيد جي هن پرمسرت موقعي تي بهادر ڪشميرين جي عظيم جدوجهد کي وسارڻ نه گهرجي، هن انساني الميي جي خاتمي ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ڪشمير مسئلي جو حل اچي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.