پنجاب سنڌ کان وڌيڪ پاڻي ڇو ٿو کڻي؟ 

تحرير:راشد علي ڀرڳڙي

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ڏينهون ڏينهن خراب صورتحال پيدا ٿيندي پئي وڃي پاڻي کوٽ سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ زرعي آبادي گهٽ ٿيندي پئي وڃي ان سان گڏوگڏ ڪيترن ئي علائقن ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي به نه ٿو پهچي سگهي، پاڻي چورن کي سزا ڏيڻ بدران مٿان انهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ 70 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ ٿي وئي آھي جيڪڏهن اهڙي صورتحال رهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي وڌيڪ کوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي ۽ برساتون نه پيون ته سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڏُڪار واري حالت پيدا ٿي ويندي ۽ سنڌ زرعي آبادي کي نقصان پهچندو ۽ چوپائي مال سميت جيت جڻين جي حياتي خطري ۾ اچي ويندي،

سنڌ ۾ گرمي جي موسم ۾ هر ساهوراي جاندار کي پاڻي جي طلب هوندي آهي ۽ زمينون گرمين جي موسمن ۾ پنهنجي نمي وڃائي ڇڏينديون ۽ اهي سڪي ٺڪر ٿي وينديون آهي. ان سبب جي ڪري زمينون زرعي آبادي لائق نه رهنديون آهن جڏهن ته زمينون پنهنجون زرخيزيون برقرار رکڻ لاءِ پاڻي جي وڌيڪ ضرورت محسوس ڪنديون. ڪجهه وقت اڳ پنجاب ۾ پاڻي جي کوٽ واري صورتحال ۾ ان پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي کڻي ورتو.

پنجاب جا جيڪي به فلڊ ڪئنال هئا انهن اُهي به کولي ڇڏيا هئا دراصل اهي ڪئنال ٻوڏ جي صورتحال ۾ کوليا ويندا آهن، هن وقت صورتحال اها آهي جو سکر بئراج جيڪو سنڌ جي پاڻي جي مهڙ آهي ۽ اتي گهٽ ۾ گهٽ 35 سيڪڙي تائين پهچائي چڪي آهي، ” ڪجهه ڏينهن اڳ اخبارن جي رپورٽن موجب ته ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي گھربل 12350 ڪيوسڪ آهي ۽ اتي 7315 ڪيوسڪ پاڻي وهي رهيو آهي“

پنجاب سنڌ کان وڌيڪ پاڻي ڇو ٿو کڻي؟

جئين ته منگلا توڙي پنجاب جي ٻين دريائن مان جيڪو به سنڌ ڏانهن ايندڙ پاڻي آهي ان کي 70 سيڪڙو تائين گهٽايو ويو آهي.ان کان علاوه چشما تونسا وچ ۾ ڏھ ھزار کان وڌيڪ ڪيوسڪ پاڻي گم ٿي وڃي ٿو، لاسز ارسا 13 سيڪڙو ٻڌايو ويو آهي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ان جي لاسز ارسا پنج کان ڇھه سيڪڙو تائين هوندي آهي، ان جو مطلب ته سنڌ جو 7 لاسز ارسا ”پاڻي“ چوري ڪيو پيو وڃي.

پنجاب کي پاڻي جي چوري ڪرڻ کان ڪيئن روڪجي؟

اسان جي ملڪ جو وڏو صوبو پنجاب آهي ۽ جيڪو پاڻي جي مهڙ ۾ اچي ٿو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي تھ پاڻي تي اصلي حق سنڌو درياهه جو آهي. پنجاب مهڙ ھجڻ ڪري سدائين سنڌ سان خراب رويو اختيار ڪري رهيو آهي ۽ اهڙيون زيادتيون پنجاب کي ڦٻنديون رهن ٿيون، ا

ن جي ڪري پنجاب اهڙين زيادتين کان باز نٿو اچي ۽ اهڙيون زيادتيون ختم ٿيڻ جو ڪو نالو نشان ناهي. هر وفاقي ترقياتي ڪمن ۾ به سنڌ سان ناانصافيون ٿينديون رهنديون آهن، اهڙيون زيادتيون سنڌ جو پاڻي هجي يا وري سنڌ جا قدرتي وسيلا هجن ۽ سنڌ جي علائقن ۾ ڌارين کي آباد ڪري سنڌ جي ڌرتي ڌڻين جي حقن تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن.پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي نا انصافي تي خاموشي اختيار ڪري ويهي ٿي رهي.

بھرحال! جڏهن به پنجاب کي پاڻي جي گهرج پوري ڪرڻي هوندي آهي ته هو پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي سنڌ وارن جي اجازت کان بغير کڻي وٺندو آهي ۽ سنڌ جا ماڻھو سنڌ جي پاڻي حقن تي رڙيون ڪندا رهجي ويندا آهن، جيئن سنڌ جا ارسا وارا ترت نوٽيس وٺڻ بدران هٿ مهٽندين ويهي رهندا آهن ۽ پنجاب پنهنجي پاڻي جي ضرورت پوري ڪري ارسا جي ڀرم کي پورو ڪرڻ لاءِ پاڻي جي چوري بند ڪرائڻ جي دعوا ڪندو آهي. تيستائين سنڌ جو ڪيترو ئي زرعي نقصان ٿي ويندو آهي. سنڌ اهو نقصان پئي ڀوڳيندي آهي

.اسان جي سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ان تي ايڪشن کڻي ته جئين اسان جي سنڌ صوبي جي پڇڙي وارن علائقن کي پاڻي ملي ته اهي زرعي پيداوار ڪري سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.