آرمي چيف جنرل قمر جاويد سان آمريڪي ناظم الامور اينجلا ايگلر جي ملاقات

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان آمريڪي ناظم الامور اينجلا ايگلر ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ۽ آمريڪي ناظم الامور جي ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ خطي جي گڏيل سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر موجب جنرل قمر جاويد باجوه ۽ اينجلا ايگلر ان دوران مختلف شعبن ۾ گڏيل سهڪار، ڪورونا وائرس جي خلاف جنگ ۽ افغان امن تي ڳالهيون ڪيون.

آرمي چيف ڳالهين دوران چيو ته پاڪستان افغان امن عمل جي لاءِ مخلصاڻي سپورٽ ڏني آهي، مستحڪم ۽ پرامن افغانستان خطي خاص ڪري پاڪستان جي مفاد ۾ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.