اسان فلسطين سان گڏ بيٺا آهيون: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان اسرائيل خلاف فلسطينين جي حمايت ڪندي چيو آهي ته اسان غزه سان گڏ بيٺا آهيون.

غزه تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري ۽ ان جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي بي گناهه فلسطينين جي شهادت تي وزير اعظم عمران خان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪيو آهي، جنهن ۾ سندس چوڻ آهي ته وي اسٽينڊ وڌ غزه (اسان غزه سان گڏ آهيون) ۽ وي اسٽينڊ وڌ فلسطين (اسان فلسطين سان گڏ بيٺا آهيون) جا هيش ٽيگ استعمال ڪيا. هن چيو آهي ته آئون پاڪستان جو وزير اعظم آهيان ۽ اسان فلسطين ۽ غزه سان گڏ بيٺا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.