حڪومت جو شهباز شريف جي پرڏيهه وڃڻ وارو عدالتي فيصلو چيلينج ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) احتساب واري خاص مددگار شهزاد اڪبر جو چوڻ آهي ته اسان شهباز شريف جي حوالي سان عدالتي فيصلو چيلينج ڪنداسين.

سڌُ سماءَ واري وزير وفاقي وزير فواد چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي احتساب واري خاص مددگار شهزاد اڪبر جو چوڻ هو ته اسان شهباز شريف جي حوالي سان عدالتي فيصلو چيلينج ڪنداسين، اسان سمجهون ٿا ته عدالت کي درست طريقي سان ڳالهيون ٻڌايون ناهن ويون، ٻئي پاسن جي وڪيلن لاءِ ضروري آهي ته عدالت کي درست حقيقتون ٻڌائن، اسان سموريون حقيقتون عدالت جي آڏو رکنداسين.

شهزاد اڪبر جو چوڻ هو ته مسلم ليگ ن جا ڪجهه ماڻهو حقيقن کي خراب ۽ عوام کي گمراهه پيا ڪن، هي چون ٿا ته حڪومت عدالتي حڪم نه پئي مڃي، اِها ڳالهه اُهي ماڻهو ڪري رهيا آهن جن جا پنهنجا اڳواڻ فرار آهن، آئون توهان جي آڏو 55 واليومز کڻي آيو آهيان، هي اُهي ثبوت آهن جيڪي ختم نه ڪري سگهيا.

فواد چوڌري:

سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻهو ته اسان جي شريف فيملي سان ڪا ذاتي دشمني ناهي، پاڪستان اندر ٻن دورن ۾ منظم ڪرپشن ڪئي وئي، 1988ع کان 1997 تائين ۽ 2008ع کان 2018ع تائين ڪرپشن ڪئي وئي، ان ڪرپشن جو وڌيڪ فائدو نواز شريف ۽ ن ليگ کنيو، مريم نواز چيو ته منهنجي پرڏيهه ۾ ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا پراپرٽي ناهي، نواز شريف جي لنڊن ۾ موجود چار اپارٽمنٽس جي قيمت 1 ارب پائونڊ آهي، ڇا نواز شريف ۽ شهباز شريف، ڊاڪٽر ياسمين کان وڌيڪ بيمار آهن.

فواد چوڌري جو چوڻ هو ته وزير اعظم عمران خان ڪرپشن جي خلاف نظريو ڏنو، جمهوري نظام ۾ اسان جا اختيار لامحدود ناهن، ماڻهو سمجهن ٿا ته نظام تبديل نٿو ٿي سگهي ۽ اِها هڪ حقيقت آهي، اسان حڪومت حاصل ڪري ورتي پر نظام جي خلاف جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.