`وفاق مدرسن تائين رسائي ڏئي: شميم ممتاز

ڪراچي (ڳالهه ٻولهه : رزاق عاصي) چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جي چيئرپرسن ۽ پ پ ايم پي اي ششميم ممتاز چيو آهي ته سنڌ ۾ ٻارڙن جي تحفظ لاءِ 30 ضلن ۾ سنڌ چائل پروٽيڪشن اٿارٽي ڪم ڪري رهي آهي، ڪراچي جي داراللبنات ۾ 24 کان وڌيڪ بي سهاره ڇوڪرين کي پناهه ڏني وئي آهي، جڏهن ته ڪراچي جي سعود آباد واري علائي ۾ پوليس هٿان بيگر ايڪٽ تحت گرفتار ٿي جيڪي ٻارڙا اسان کي ڪورٽ ذريعي ملن ٿا، انهن جي ڪائونسلنگ ڪئي وڃي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته وفاق اسان کي مدرسن تائين رسائي ڏي ته سند چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي مدرسن جي ٻارڙن تي ٿيندڙ تشدد ۽ ٻين مسئلن کي به حل ڪندي هن وڌيڪ چيو ته اسان کي اميد آهي ته وفاق اسان جي ان معاملي ۾ مدد ڪندو هن چيو ته رمضان المبارڪ ۽ ٻين سيزنن ۾ پشه ور پينو فقير سنڌ اچن ٿا. جيڪي ٻارڙن کان پنڻ جو پيشو ڪرائن ٿا، انهن کي روڪڻ لاءِ صوبائي بارڊرن تي سيڪيورٽي ادارن کي پنهنجو ڪردار ادار ڪرڻو پوندو، سنڌ چائلڊ پروڊٽيڪشن اٿارٽي سميت 18 ترميم بعد سنڌ حڪومت جا سمورا ادارا خود مختيار آهن ۽ ڀرپور نموني پنهنجا ڪارگردگي ڏيکاري رهيا  آهن. اسان 1121 هيلپ لائن تي جتان به ٻارڙن تي ظلم ٿيڻ يا تشدد جي ڄاڻ ملي تي بر وقت ڪارروائي ڪئي ويندي آهي ، سنڌ چائلڊ پروٽڪيشن اٿارٽي هر ضلعي لاڳاپيل عملي هر وقت الرٽ رکي پئي مستقل ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ان وڌيڪ حڪمت عملي تيار رڪندي پ پ قيادت بنا رنگ نسل جي عوام جي خدمت ڪري رهي آهي.

سنڌ ۾ پينو فقير ٻارڙن لاءِ سخت قدم کنيا پيا وڃن: چيئرپرسن

ڪراچي: سنڌ پروٽيڪشن اٿارٽي جي چيئرپرسن شميم ممتاز چيو آهي ته بيگرايڪٽ تحت پينو فقير ٻارڙن جي تحفظ لاءَ سخت قدم کنيا پيا وڃن، عورتون پراوا ٻار ٺيڪي تي وٺي بيهوش ڪري انهن کي هنجهه ۾ کڻي پنڻ ٿيون، اهڙن فقيرن کي پوليس گرفتار ڪري ڊي اين اي وغيره ڪرائي ٿي ته هي ٻار هن عور جو آهي به يا ناهي، هن وڌيڪ چيو ته 24 ڪلاڪ اسان جي هيلپ لائن 1121 شڪايتي مرڪز شڪايتون وصول ڪري ٿي فوري طور شڪايت تي ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي.

سرڪاري ۽ خانگي يتيم خانن تي به نظر آهي، نجي ادارا  سهڪار نٿا ڪن: شميم ممتاز

ڪراچي : سنڌ چائلڊ پروٽيڪش اٿارٽي جي چيئرپرسن شميم ممتاز چيو آهي ته اسان سرڪاري يتيم خانن جي بهتري لاءِ به ڪم ڪري  رهيا آهيون، پر ان جي ڀيٽ ۾ خانگي يتيم خانا تعاون نٿا ڪن هن مثال ڏيندي چيو ته صارم برني ٽرسٽ سميت ٻين خانگي يتيم خانن کي به لکيو ويو پر انهن انگ اکر ڏيڻ ۾ ڪو به تعاون نه ڪيو ترجمان آسيه موجب اسان جي ڪوشش آهي ته اسين جيترو  ٿي سگهي اسان وڌ کان وڌ ٻارڙن کي تحفظ ڏياري سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.